سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ ملڪي مفادن وٽان ناهي

تحرير: اظھر آزاد مغل 

سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف سنڌ جي ماڻهن جي شديد ڪروڌ ۽ ڪاوڙ، غم ۽ غصي کي مان ڏئي پنھنجي ھوڏ تان لھڻ بجاءِ، ڪئنالن جي خاتمي جو باضابطا اعلان ڪرڻ بجاءِ ويتر سنڌ جي لکين ماڻهن جي سخت احتجاجي عمل واري ردعمل تي اھو چئي چٿرون ڪرڻ ته اھو  ڪجهه ماڻهن جو احتجاج آهي، ملڪ جي ننڍي صوبي مان اٿندڙ آوازن کي نظرانداز ڪرڻ جو ھي انتھائي اڍنگو رويو ملڪ جي مالڪن ۽ اصل آقائن کي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو.سنڌ جا ماڻهو وفاق پاران درياھ سنڌ تي جبري طور ڪئنال مسلط ڪرڻ واري عمل کي پنهنجي بقا ۽ وجود تي وار سمجهن ٿا، سنڌوءَ کي پنهنجي ساھن جو جياپو قرار ڏين ٿا، سنڌ جا ماڻهو سنڌوءَ جي ڇولين سان ڪنهن به ھٿ چراند کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهن ٿا، مھراڻ جي موجن ۽ مستين جي بحالي لاءِ وستي وستي ۽ واھڻ واھڻ ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهن، سنڌ جي ماڻهن جي پنهنجي بقا لاءِ پرامن جدوجهد کي پر تشدد واٽ وٺڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.

سنڌوءَ تي ڪئنال جي زبردستي تعمير ملڪ جي آئين جي کليل انحرافي آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل کان منظوري وٺڻ بنا، پڇڙي وارن ماڻهن جي راضپي کان بغير ملڪي آئين جي لتاڙ آهي، سنڌ سان نسورو ناحق ۽ ناانصافي آهي، انساني حقن جي وڏي ڀڃڪڙي آهي. صوبن جي مختلف معاملن تي نبيري لاءِ ملڪ جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏجاڻي ھر 90 ڏينهن ۾ منعقد ڪرڻ حڪمرانن جي آئيني ۽ بنيادي ذميواري ۽ گهرج آهي، تنھن جو بندوبست نه ڪرڻ نه رڳو آئين جي آرٽيڪل 154 جي انحرافي آهي پر وقت جي ملڪي سربراهن جي بدنيتي جو کليل ۽ چٽو مٺال پڻ آهي. سنڌ جي ماڻهن جي مسلسل ۽ لڳاتار جدوجهد جي نتيجي ۾ دٻاءَ تحت سنڌ سرڪار ڪئنالن خلاف قرار داد پاس ڪئي آهي جيڪو بھتر عمل ۽ سٺو سنوڻ آهي پر سرڪار کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ واسطي وفاق جا گوڏا جھڪائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور آواز بلند ڪري آئيني ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري آخر ڪھڙو پيغام پيو ڏنو وڃي، ملڪ جي قيام لاءِ سڀ کان پهرين قرار داد پيش ڪندڙ باني صوبي کي ڀت سان لڳائي ڪھڙي خطا ۽ ڏوھ جي سزا پئي ڏني وڃي، وفاق درياھ سنڌ تي طاقت جي بنياد تي ڪئنال ٺاهي سنڌين کان جيئڻ جو حق کسي ڪنهن جي مفادن جي پورائي لاءِ پاڻ پتوڙي رھيو آھي، بي زمين ھارين کي زمين جا مالڪاڻا حق ڏيڻ بجاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ زمينن تي والار ڪرڻ مناسب عمل نه آهي.

سنڌو درياھ سنڌ جي ماڻهن جي شھ رڳ آهي، وطن جي وارثن جو ساھ پساھ آهي، تنھن کي جبري طور سڪائڻ جون سازشون ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه سگهنديون. ڌرتيءَ جا ڌڻي ۽ ڌنار پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين ڀونءِ کي بنجر ۽ برباد ڪندڙ سگهارين قوتن خلاف ميدان ملھائي نينھن نڀائيندا. ڌرتيءَ ڌڻي درياھ جي دنگن خاطر ميدان عمل ۾ سنڌوءَ جي سرڪ جو قرض ڀرپور نموني سان چڪائيندي سرھائي محسوس ڪري رھيا آھن، شايد اھي سنڌ جي پھرين وزيراعظم شهيد الله بخش سومرو جي ان ڳالھه کي ھيئن سان ھنڊائيندي اڳتي وڌي رھيا آھن جيڪا هن 1938 ۾ چئي هئي ته "سنڌو درياھ جو پاڻي” پاڻياٺ وارو سون آهي”. ان قيمتي اثاثي جو پنھنجي زندگيءَ وانگر خيال رکو.”

سنڌ جيڪا اڳي ئي شديد پاڻيءَ کوٽ سبب بري طرح ڀوڳي رهي آهي، تازي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ پاڻي جي قلت شدت اختيار ڪندي 45 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سنڌ جي ماڻهن لاءِ اھڙي بدتر ۽ سنگين صورتحال ۾ ڪئنالن جي ھوڏ تان نه لھڻ ۽ انهن جي ڪم ۾ اڃان تيزي آڻڻ سمجھه کان ٻاھر آهي. درياھ سنڌ سان اھا دھشت گردي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڏي الميي جو باعث بڻجندي، ان نسوري ناحق خلاف سنڌ جي مخلوق ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي، ھن وجودي ويڙھ ۾ سنڌ يقينن سرخرو ۽ سوڀاري ٿيندي.

سنڌوءَ اسان جي شاندار ثقافت ۽ تاريخ، تھذيب ۽ تمدن جو اھڃاڻ ۽ علامت آهي، سنڌ جي ماڻهن کي سنڌوءَ جي سونھن، سينڌ ۽ سلامتيءَ سان ھٿ چراند منظور نه آهي، پنھنجي ڊيلٽا جي تباهيءَ جو سامان قبول نه آهي، ماحولياتي گدلاڻ ۽ بربادي تسليم نه آهي. سنڌ جا ماڻهو بنيادي انساني حقن جي لتاڙ خلاف ڀرپور آواز بلند ڪري رهيا آهن. پنھنجي معاشي قتل عام تي خاموشيءَ جو روزو نه رکندا، پنھنجي تاريخي وطن جي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن کي جرئت، جوش، جذبي، جنون، ھمت، حوصلي ۽ مڙسيءَ سان ناڪام بڻائيندا.

ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جا باغيرت، باشعور ۽ بھادر سورما ۽ سورميون پنھنجي درياھ بادشاھ سنڌوءَ جي قيمت تي پنجاب جي رڻ پٽ چولستان کي آباد ڪرڻ جي مھلڪ منصوبي کي ڪنھن به ريت پايه تڪميل تي پهچائڻ نه ڏيندا. وفاق کي اھو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان ڪو نه ڪيٻائيندا. تنهن ڪري وفاق کي اجائي ھوڏ کان ھٽي ھوش کان ڪم وٺندي ۽ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي ڪئنالن جي باضابطا خاتمي جو اعلان ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو درياھ سنڌ تي غير قانوني ۽ ناجائز ڪئنال اڏي ملڪ جي حق ۾ سڀ کان پهرين قرار داد منظور ڪندڙ قوم کي ڀت سان لڳائڻ ملڪ جي مفاد ۾ قطعي نه آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.