عمران خان سان هفتي ۾ ٻه ڏينهن ملاقات، ميڊيا ٽاڪ تي پابندي

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان هفتي ۾ ٻه ڏينهن، اڱارو ۽ خميس تي ملاقات بحال ڪري ڇڏي، جيل ملاقاتن سان لاڳاپيل درخواستن تي ٻڌڻي دوران اڊيالا جيل سپرينٽينڊنٽ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊسمبر تائين ايس او پيز تحت ملاقاتون ڪرايون پئي ويون، جنوري کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي، سڪيورٽي ٿريٽ به هئا، چيف جسٽس چيو ته جيل ملاقاتکانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي؟ اهي ملاقات ڪري واپس هليا وڃن، انهن کان لکرائي ٿا وٺون ته ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندا، عدالت عمران خان جي جيل ۾ اڱارو ۽ جمعي تي ملاقات بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته عمران جا جيڪي ڪوآرڊينيٽر نالا ڏيندا، صرف اهي ئي ملاقات ڪري سگهن ٿا، باني پي ٽي آءِ سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، جيڪو به باني پي ٽي آئي سان ملندو، اهو ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندو، بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان پاران معافي وٺڻ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جيڪڏھن ڪو سمجهي ٿو ته عمران خان معافي وٺندو ته ان جو ڪو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.