نئون ديرو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ معمولي ڳالهه تان ککراڻيبرادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي ۾ لتن مڪن، لٺين ۽ سروٽن جو آزادانه استعمال ڪيو، جڏهن ته جهيڙي ۾ هڪ ڌر جي هٿياربند جوابدارن بندوق جا سڌ فائر ڪري خالد پٽ جادل ککراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. جهيڙي واري اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ مٺو ککراڻي پهچي جهيڙي ۾ مارجي ويل خالد ککراڻي جو لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو جتي مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،پوليس جو چوڻ هو ته جهيڙيندڙ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ قتل ۾ ملوث جوابدار به گرفتار نه ٿي سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.