لانڍيءَ ۾ سرڪاري فليٽن تي افغانين سميت ٻين ڏوهاري ماڻهن جو قبضو

ڪراچي(رپورٽر)لانڍيءَ ۾ سرڪاري ملازمن جي رهائش لاءِ سنڌ حڪومت پاران اربين رپين جي رقم سان خريد ڪيل ۽ ٺاهيل 70 سيڪڙو سرڪاري فليٽن تي افغانين سميت ٻين ڏوهاري ماڻهن جو قبضو هجڻ ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي پاران قبضي هيٺ آيل فليٽن تي ڪروڙين روپيا مرمت تي خرچ ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. پي اي سيءَ لانڍي ۾ قائم سرڪاري ملازمن جي 70 سيڪڙو فليٽن تي قبضو هجڻ ۽ قبضي وارن فليٽن تي مرمت جي مد ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ اعتراض اٿاريو ته لانڍي ۾ سرڪاري فليٽن تي ڪيترن ئي ماڻهن جو قبضو آهي ۽ جن فليٽن تي قبضو ڪندڙ رهائش اختيار ڪري چڪا آهن انهن فليٽن تي ورڪس کاتي پاران هڪ ڪروڙ روپيه مرمت تي خرچ ڪيا ويا آهن جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت جي فليٽن جي اربين روپين جي اِها پراپرٽي آهي جنهن تي قبضي خورن کان قبضو ڇو نه ڇڏايو ويو آهي؟ ۽ قبضي وارن فليٽن تي مرمت جي نالي ۾ ڪروڙين روپيه ڇو خرچ ڪيا ويا آهن؟ جنهن تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي چيف انجنيئر ارشد ڀٽو پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته لانڍيءَ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ 321 فليٽ سنڌ حڪومت ايس اينڊ جي اي ڊي جي ذريعي پاڪستان هائوسنگ اٿارٽيءَ کان خريد ڪيا جن فليٽن جو ڪچن سميت 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم نه ٿيل هو ان لاءِ هنن فليٽن جي رهيل ڪم ۽ مرمت تي اِها رقم خرچ ٿي آهي. پي اي سي اجلاس ۾ ڪوٽيشن ذريعي سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز جي آفيس جي ايئرڪنڊيشن جي مرمت تي 50 لک روپيه خرچ ٿيڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.