حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ 1965 جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جون يادگار تصويرون لاٿيون ويون آھن، جنھن جو ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين سختي سان نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او بي سيڪشن کي ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنھن بعد بي سيڪشن پوليس طارق مسيح ۽ پي ٽي آءِ جي ٽائون چيئرمين اساما حافظ تي ڪيس داخل ڪري ورتو، پاڪستان يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ڪاشف حسين شاهه اھو ڪيس داخل ڪرايو، جنھن بعد پوليس ڪارروائي ڪري ھڪ جوابدار طارق مسيح کي گرفتار ڪري ورتو آھي.