ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان کپرو ۾احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻو

کپرو (ن ع آ) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان کپرو واھ  کان شهيد سورهه بادشاهه چوڪ کپرو تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا مطالبن جا پينافليڪس کڻي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. ريلي ۾ آبادگارن، وڪيلن سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ھارين ۽ شھرين وڏي تعدا۾ شرڪت ڪئي،ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي، صدر عمره سمون، شمشاد لغاري ستار رند، اظھار دائود پوٽي، عطاء الله انڙ، موسي راڄڙ، حليم مڱريو، دلدار لغاري، صادق ڪنڀر، ميان غلام حيدر راڄڙ، امڙ سنڌو مري، زينب راڄڙ، علي نواز ڏاھري، مير حسن مري ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي، چولستان ڪينال ٻچا، ڄڻڻ شروع ڪيا آھن. ڇھن مان وڌي نو ڪينال ٿي ويا آھن. هنن چيو ته سڀاڻي 25 مارچ تي پيپلز پارٽي جو اعلانيل احتجاج ڪئنالن خلاف ناهي بلڪه ڪارپوريٽ فارمنگ جي حمايت ۾ مهم ۽ ڪئنالن خلاف سنڌي قوم جي پرامن جدوجھد کي ٽارپيڊو ڪرڻ جي منافقاڻي سازش آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.