رياست  طرفان جمھوريت لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن جو اعتراف

چوندا آھن تھ تاريخ ھر ڪنھن سان انصاف ڪندي ۽ تاريخ ڏاڍي بي رحم ٿيندي آھي.اڄ رياستي سطح تي ذوالفقار علي ڀٽو جي جمھوريت ۽ عوام جي ڀلائي وارين خدمتن جو  اعتراف ڪندي کيس ملڪ جي سڀ کان وڏي سول ايوارڊ ”نشان پاڪستان “ سان نوازيو آھي.ملڪ ۾ جمھوريت ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري 23 مارچ 2025 تي ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني کي اھو ايوارڊ ڏنو. ھي ايوارڊ کيس ڦاھي جي 45 سالن بعد ڏنو ويو آھي.ڦاھي جي ان واقعي کي ڪيترن ئي مبصرن بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل قرار ڏنو ھو.ياد رھي تھ گذريل سال مارچ ۾سپريم ڪورٽ تسليم ڪيو ھو تھ ذوالفقار علي  ڀٽو جو  ٽرائل غير منصفاڻو هو.کيس ٽرائل ۽ اپيل ٻنهي سطح تي مناسب سھولت نھ ڏني وئي هئي، جنهن کي انصاف جي تاريخي غلطي طور ڏٺو ويو ھو.ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنل عدالتي ڦاھي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ کيس سول ايوارڊ ڏيڻ جو ٻيو مطلب اھو آھي تھ رياست نھ رڳو سندس خدمتن کي تسليم ڪيو پر ساڻس ڪيل زيادتيءَ جو تدارڪ ڪرڻ جي بھ ڪوشش ڪئي آھي.

ذوالفقار علي ڀٽي جو سول ايوارڊ سندس واحد حيات اولاد صنم ڀٽو وصول ڪيو.جڏھن تھ سياست جي ميدان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سميت سندس وڏي نياڻي ۽ ملڪ جي پھرين خاتون وزيراعظم بينظير ڀٽو، سندس وڏو پٽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ننڍو پٽ شاھ نواز ڀٽي جو موت بھ غيرفطري ٿيو ھو.ملڪ جي قائم ٿيڻ سان ئي نوڪرشاھي ۽ غيرجمھوري قوتن جي ڳٺ جوڙ سان ڊگھي عرصي تائين  اقتدار تي قبضو برقرار رکيو ھو.مختلف مارشل لائن کانپوءِ نيٺ عوامي دٻاءُ تي  ايوب خان  استعيفيٰ ڏئي ڪري ملڪ جي واڳ  جنرل يحيٰ خان حوالي ڪئي ھئي.جنھن کان بھ ملڪي سياسي اڀار سبب صورتحال سنڀالڻ ڏکيو بڻجي ويو ھو. جنهن چونڊن جو واعدو ڪيو ۽ 7 ڊسمبر 1970ع تي هڪ فرد هڪ ووٽ جي بنياد تي چونڊون ٿيون ھڪ ڀيرو وري آمرن جي راند ملڪ کي ٻھ اڌ ڪري ڇڏيو ھو.تڏھن  ذوالفقار علي ڀٽي سياست جي ميدان ۾ عوام لاءِ اميد جو هڪ ڪرڻو بڻجي اڀريو ھو.فوجي آمر جي ان عمل سان جمھوريت جي ھلندڙ عمل جو ڦيٿو رڪجي ويو، بلڪھ ان سان سماج جي اوسر ۽ترقي رڪجي وئي۽ سماج ۾ انتھاپسندي سميت ڪيترين ئي بيمارين منھن ڪڍيو، جنھن سان سمورو ڍانچو تباھ ۽ ناس ٿي ويو.

1947ع  کان وٺي 71-1970ع وچ ۾ سياسي لاهن چاڙهن ۽ تڪرارن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بنيادي معاملا  التوا جو شڪار هئا، ايتري قدر جو ملڪ کي هلائڻ لاءِ بنيادي دستاويز يعني آئين به تيار نه ڪيو ويو هو. ٻئي طرف گهڻ قومي ملڪ هئڻ ۽ جاگرافيائي طور تي ورڇيل هئڻ، نظرياتي طور تي ٽڪراءُ هئڻ، مضبوط سياسي قيادت جي اڻاٺ، سول حقن جي پورائي نه ٿيڻ، ناهموار ترقيءَ، اهم ملڪي معاملن ۾ عام ماڻهو جي راءِ ۽ ڳالهه کي نظرانداز ڪرڻ سبب تڪرار ۽ ٽڪراءُ شدت سان موجود هئا. ملڪ جي خالق پارٽي جي نالي سان ڪيتريون ئي پارٽيون جڙي ويون هيون ۽ هر پارٽي ۾ موجود اڳواڻ پاڻ کي ملڪ جو حقيقي هڏڏوکي ۽ همدرد ظاهر ڪرڻ ۽ ثابت ڪرڻ ۾ رڌل هو. ملڪي سياست جي ڌارا کان عوام لاتعلق هو يا حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽي وڌي وئي هئي.

1967ع ۾  پنهنجي هم خيال دوستن ۽ ساٿين کي ساڻ ڪري پ پ جو بنياد رکندڙ ذوالفقار علي ڀٽو اهو شخص هو، جنهن کي عوام ٿوري ئي وقت ۾ وڏي موٽ ڏني. نتيجي ۾ عوام اندر ورهين کان دکندڙ درد ٻاهر اچي ويو ۽ عوام ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪري ورتو. ابتدائي ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ويو، هن عوام سان ملاقات ڪئي، ماڻهن سان مليو، عام ماڻهن سان ويٺو، ان جي ڳالهه ٻڌي، کين ڏکن ۾ آٿت ڏني ۽ سندن ڀرجهلو ۽ حال ڀائي ٿيو. وڏي خاندان سان تعلق هئڻ باوجود جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي عوامي انداز اختيار ڪيو ۽ عوام جو حصو بڻجي ويو ته پوءِ عام ماڻهو کي هن جي ڳالهه، هن جي انداز، هن جي وعدي ۽ هن جي اڳواڻي بيحد متاثر ڪيو. عوام ذوالفقار علي ڀٽي تي جڏهن اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو ته پوءِ ڪيترائي مفاد پرست فرد ۽ ٽولا پڻ هن نئين عوامي پارٽي ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيا، جن بعد ۾ عوام آزار ڪردار ادا ڪيو، خود عوام ۽ ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ وڇوٽي جا سبب بڻيا. اهي ئي مفاد پرست وڏيرا، چوڌري، خان ۽ مَلَڪ، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پ پ تي ڏکيا ڏينهن آيا ته پوئتي پير ڪري ميدان ڇڏي ڀڄي ويا يا وري مخالفن سان ملي خود ڀُٽي ۽ عوام جا دشمن ٿي ڪري سامهون آيا.

ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اقتدار حاصل ڪري ملڪ ۾ بنيادي آئين ٺاهي، صنعتي ترقيءَ لاءِ ميدان هموار ڪري اڃا مس اڳتي وڌيو ته عوام جا ويري ميدان تي لھي آيا.ھڪ منظم سازش ھيٺ غيرجمھوري قوتن جي ھشي تي جمھوريت لاءِ رنڊڪون پئدا ڪيون.جنھن جو وجھه وٺي تڏھوڪي آمر جنرل ضيا سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جي جمھوريت واري ٻوٽي کي ڇٿي ڇڏيو.تاريخ اھو آئينو آھي جنھن ۾ ھر ڪنھن جو پورھيو ۽ عمل موجود آھي،دير سان ئي سھي پر تاريخ ضرور انصاف ڪندي آھي.اھڙي ريت جڏھن رياستي سطح تي ھاڻي ھڪ جمھوري اڳواڻ ۽ عوام جي مينڊيٽ سان وزارت اعظميٰ تائين پھچندڙ اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو کي جمھوريت ۽ عوام جي خدمت جي عيوض کيس وڏي ۾ وڏي ملڪي سول ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي تھ اھا تاريخي طور ھڪ مثبت ڳالھھ آھي.انسان پينگھي کان قبر تائين جي وچ واري مقرر ڪيل وقت ۾ عمر جا ڏينھن پورا ڪري ٿو وڃي پر تاريخي طور تي سندس مثبت ۽ منفي عملن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي رھي ٿي. ان ڪري ئي چوندا آھن تھ تاريخ  ڪنھن جي بھ ڪم ۽ پورھئي کي وساري يا ميساري نھ ٿي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.