ڪراچِيءَ ۾ ٽرامَ جو عروج ۽ زوال

تحرير: ياسر قاضي

 30    اپريل 1975ع تي پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ، ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلڻ جو آخري ڏينهن هو. معنيٰ ’ٽرامَ‘ نالي انوکي ۽ دلچسپ سواريءَ کي پاڪستان ۾ مُئي لڳ ڀڳ اڌ صدي ٿيڻ واري آهي. پاڪستان ترقيءَ جي راهه تي (اُبتو) هلندي پونين ٽن چئن ڏهاڪن ۾ جيڪو ڪجهه وڃايو آهي، ان ۾ ڪراچيءَ جو اهو منفرد ٽرام وي نظام پڻ شامل آهي. اسان جڏهن ننڍپڻ ۾ وڏڙن کان اهو ٻڌندا هئاسين ته ’ڪراچيءَ ۾ اڳي ٽرامَ هلندي هئي…‘ ته انهن پاران ان ’ٽرامَ‘ نالي ان سواريءَ جو نقشو اسان کي ٻڌايو وڃڻ باوجود اسان جي ذهنن ۾ اُن جي جيئن جو تيئن شڪل ڪڏهن به ڪانه آئي! ته ٽرام هوندي ڪيئن! بس ريل گاڏيءَ سان ملندڙ جلندڙڪجهه نقشو ذهن ۾ جڙندو هو ته ٽرام به اهڙي ئي هوندي! ڀلو ٿئي هن ٽيڪنالاجيءَ جي ڪرامتن جو، جن جي مهربانيءَ سان اسان نه رڳو اڄ کان ڏيڍ ٻه ڏهاڪا اڳ، ڪراچيءَ ۾ ماضيءَ ۾ هلندڙ ان ٽرامَ جُون تصويرون ڏٺيون، بلڪه ان جي چُرندڙ پُرندڙ ويڊيوز جو درشن به ٿيو، جنهن ۾ اُن ٽرام جي آسپاس اُن وقت جي محدُود پر ٻهڪندڙ ٽهڪندڙ ڪراچيءَ جا منظر پڻ ڏسڻ لاءِ مليا. دُنيا گهمڻ جوموقعو مليو، ته ٽرامَ کي نه صرف پنهنجي اکين سان سامهون زندهه چُرندي ڏسڻ جو موقعو مليو، بلڪه اُن ۾ سواري ڪرڻ جو پڻ شرف حاصل ٿيو. ۽ بعد ۾ اهو به ادراڪ ٿيو، ته باقي دُنيا جيئن جيئن ترقي ڪندي پئي وڃي، تيئن تيئن ٽرانسپورٽ جي متعدد ذريعن ۾ بي انتها ترقيءَ باوجود پنهنجي ڪلاسيڪي سوارين کي محفوظ ڪندي، بلڪه انهن کي ترقي پئي ڏياريندي وڃي، جن مان ٽرامَ ۽ ٽانگو (بگھي) خاص طور تي قابلِ ذڪر آهن، ته جيئن اُنهن قديم سوارين جو وجود سلامت رهي، ۽ ان جي ابتڙ اسين آهيون، جو انگريزن جي ڏنل ان نهايت ڪارائتي سوغات کي به سنڀالي ڪونه سگهياسين. ريلوي جو ته جيڪو حشر اسان ڪيو آهي، ان جي باري ۾ اسين سڀئي ڀليءَ ڀَت آگاهه آهيون. سوچيان ٿو، جيڪڏهن ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي حصّي ۾ اچڻ وارن شهرن مان ٽرام وي سسٽم وانگر ريل گاڏيءَ جو نظام به ڪنهن هڪ شهر تائين محدُود هجي ها، ته اسان ان کي به ڪڏهن جو کائي کپائي، ختم ڪري چڪا هجون ها.

اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته دنيا ۾ پهرين ٽرامَ 1839ع ۾ فرانس ۾ هلي ھئي، جنهن کي گھوڙا گِـهِليندا هئا، جڏهن ته جيڪڏهن اسان ننڍي کنڊ جو ذڪر ڪريون ته هتي گھوڙن رستي گِـهِلجڻ واري پهرين ٽرامَ 1873ع ۾ ’ڪلڪتي‘ ۾، جڏهن ته پهرين اليڪٽرڪ ٽرام 1895ع ۾ ’چنّئيءَ‘ ۾ هلي هئي. (جيڪي ٻئي شهر هاڻي ڀارت ۾ آهن(.

ڪراچيءَ ۾ ٽرام وي سسٽم جو خواب،21 هين صديءَ جي شروع ٿيڻ کان ٻه ڏهاڪا اڳ ڏٺو ويو. هي 1881ع جو سال هو، جڏهن اهو منصُوبو ٺاهيو ويو ۽ انگريز سرڪار پاران ان جي پٽڙيءَ وڇائڻ جو ڪم ٽينڊر ڪيو ويو. ان کان ٺيڪ ٻه سال پوءِ 8 فيبروري 1883ع تي ان ڏس ۾ هڪ منصُوبو جوڙيو ويو ۽ برطانوي سرڪار کان ڪراچيءَ ۾ ٻاڦ تي هلڻ واري ٽرامَ هلائڻ جي اجازت ورتي وئي. اهڙيءَ منظُوريءَ کان پوءِ آڪٽوبر 1884ع ۾ شهر ۾ جتان جتان ٽرام گذرڻي هئي، اتي اتي ان جي ٽريڪ وڇائجڻ جو ڪم شرُوع ڪيو ويو. جڏهن ٽرام جي ٽريڪ جي اڏاوت جو ڪم شرُوع ٿيو ته ’جان برُونٽن‘ نالي انجنيئر ان ٽرام وي پراجيڪٽ جو چيف انجنيئرمقرر ٿيو ۽ 20 اپريل 1885ع تي ڪراچيءَ ۾ ٽرام سروس جو باضابطه آغاز ۽ افتتاح ٿيو. ان سلسلي ۾ هڪ شاندار افتتاحي تقريب، ڪراچيءَ ۾ (موجوده) شاهراهِه لياقت ۽ عبدالله هارُون روڊ جي سنگم تي واقع، ’سينٽ اينڊريُـوز چرچ‘ ۾ مُنعقد ٿي. اها تقريب ڪراچيءَ جي تنهن دؤر ۾ منعقد ٿيندڙ انتهائي اهم ۽ پروقار تقريبن منجهان هڪ ھئي. جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته ابتدائي طور تي ٽرامَ کي ٻاڦ تي هلڻ واريءَ (اسٽِيم پاورڊ) انجڻين تي هلايو ويو، پر هڪ سال بعد  1886ع ۾ انهن انجڻين کي ماحوليات دشمن ڄاڻائي بند ڪيو ويو ۽ ٽرامَ کي وري ساڳئي روايتي انداز ۾ گھوڙن جي مدد سان ئي گِـهِليو ويو. 1902ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽرامَ هلائڻ جي ذميواري ’ايسٽ انڊيا ٽرام وَي ڪمپني لميٽيڊ‘ کي سونپي وئي. 1905ع ۾ ٽرامَ، ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندِي، گھوڙن جي ذريعي گِـهِلجڻ کان جند ڇڏائي ۽ ان کي پيٽرول تي هلڻ وارين انجڻين جي مدد سان گِـهِليو وڃڻ لڳو. 1905ع ۾ ابتدائي طور تي متعارف ٿيڻ واريون انجڻين، 4 سالن ۾ 1909 ع تائين سموري سسٽم ۾ پنهنجي جاءِ والاري ورتي، ۽ تيستائين ڪراچيءَ جي هر ٽرامَ ۾ پيٽرول تي هلندڙ انجڻ لڳي چڪي هئي. ٽرام جون پيٽرول تي هلندڙ پهريون ٻه انجڻيون ٺاهڻ جو سهرو ’جان ايبٽ‘ نالي انجنيئر ۽ سندس پُٽَ ’جان ڊڪسن ايبٽ‘ جي سر تي سَجيو. اهي ٻئي انجڻيون برطانيه ۾ ٺهيون. انهن پيٽرول جي انجڻين لاءِ ٽرامَ جو ٽريڪ نئين سر ٺهيو، ڇاڪاڻ ته گهوڙن رستي گِـهِلجندڙ ٽرامَ ۽ پيٽرول تي هلندڙ ٽرامَ جي ماپُن ۾ فرق هو. 1914ع تائين ڪراچيءَ ۾ پيٽرول تي هلڻ واريون37 ٽرامُون ڊوڙيون پئي.هر ٽرامَ کي ’ٽرام ڪار‘ چيو ويندو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ ٽرام جي هر ’ڪار‘ (دٻي) ۾ 46 مسافرن جي چڙھڻ (ويهڻ) جي گنجائش ھئي. هيءَ ٽرام 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي هئي، جيڪا رفتار ايڏي گهٽ آهي، جو ٽرامَ هلندَي ماڻهو ان ۾ آسانيءَ سان لهي توڙي چڙهي سگهندا هئا.

1945ع ۾ پهريون ڀيرو ٽرامَ ۾ ڊيزل جي انجڻ استعمال ڪئي وئي، جنهن کي پيٽرول واري انجڻ کان وڌيڪ ’ماحول دوست‘ قرار ڏنو ويو. 1955ع تائين ڪراچيءَ ۾ ڊيزل رستي هلندڙ 64 ٽرامون هلي رهيون هيون. 1949ع ۾ ’اِيسٽ انڊيا ٽرام وَي ڪمپني لميٽيڊ‘ ڪراچيءَ جو سمورو ٽرام وي نظام، ’مُحمّد علي ٽرانسپورٽ ڪمپنيءَ‘ (ايم ٽي سيءَ) کي وڪڻي ڏنو، جنهن جو مالڪ، شيخ محمّد علي هو.

ڪراچيءَ ۾ ٽرامَ 5 رُوٽس تي هلندي هئي. 20 اپريل 1885ع تي جڏهن ٽرامَ هلڻ شروع ٿي هئي، ته ان جو سڀ کان پهريون ۽ ابتدائي رستو (رُوٽ) صدر کان ڪياماڙيءَ تائين هو.1891ع کان 1900ع تائين ٽرامَ، لارينس روڊ (جنهن کي هاڻي ’نشتر روڊ‘ ڪوٺين ٿا) تائين پڻ هلڻ لڳي. ٽرام جو ٽيون رُوٽ، سڀ کان آڳاٽي رستي جي صدر کان فريئر اسٽريٽ (هاڻوڪي ’ڊاڪٽر دائُودپوٽا روڊ‘) تائين توسيع هو، جيڪو رُوٽ 30 سيپٽمبر 1911ع کان شروع ٿيو.17 فروري 1961ع تي ٽرامَ جو چوٿون رُوٽ، ’مينس فيلڊ اسٽريٽ‘ صدر (جنهن کي ’زاهد نهاريءَ واري گهٽي‘ به چون ٿا) کان سولجر بازار تائين قائم ٿيو، جنهن کي 22 آڪٽوبر 1928ع تي چاڪيواڙي تائين وڌايو ويو. جڏهن ته ٽرام جو پنجون رُوٽ 1929ع واري مينس فيلڊ اسٽريٽ (صدر) کان سولجر بازار واري پهرين کان رائج رُوٽ جو بندر روڊ (موجُوده ايم. اي. جناح روڊ) تائين واڌارو هو. ناميارَي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان بقول هو 1950ع واري ڏهاڪي دؤران جڏهن ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، تڏهن ٽرام جو ڪرايو ’هڪ آنو‘ هوندو هو.

ڪراچيءَ ۾ 1969ع ۾ پاڪستان ريلوي پاران، سرڪلر ريلوي جو آغاز ٿيو، جنهن تحت سڄي ڪراچيءَ ۾ لوڪل ٽرانسپورٽ لاءِ 14 ريل گاڏيون هلنديون هلڻ شروع ٿيون. چيو وڃي ٿو ته ان سرڪلر ريلوي شروع ٿيڻ سبب ٽرامَ جي اهميت گهٽ ٿي ۽ ڪجهه ڪراچيءَ جي ٽرانسپورٽر مافيا، ٽرام سسٽم جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، انهن سببن جي ڪري نقصان ۾ هلندي هلندي آخرڪار 30 اپريل 1975ع تي هميشه لاءِ ’مُحمّد علي ٽرانسپورٽ ڪمپنيءَ‘ (ايم ٽي سيءَ) ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلائڻ بند ڪري ڇڏي، ٽرام ڪارُون ڪٻاڙ ۾ وڪڻي ڇڏيون… آهستي آهستي ٽرام جون پٽڙيون به پٽجي ويون ۽ ڪراچيءَ ۾ ٽرام وي سسٽم جو باب (شايد) هميشه جي لاءِ بند ٿي ويو، ۽ هاڻي ڪراچي ۾ ٽرامَ، بعد ۾ ايندڙ نسلن لاءِ بس هڪ خواب ئي رهندي.

تازو 2017ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ميگا صدر منصُوبي تحت صدر جي علائقي جي نئين سر سجاوٽ ۾ ڪاغذن جي حد تائين ته ان ۾ ٽرام سسٽم کي ٻيهر شروع ڪرڻ جو منصُوبو شامل ڪيو ويو آهي، پر اهو پڻ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي نئين سر شروع ڪرڻ واري خواب جيان پُورو ٿيندي ڪونه پيو ڏسجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.