پاڻي زندگي آهي ۽ زندگيءَ جا ڪيئي رنگ ۽ صورتون آهن! جڏهن ڪو چوندو آهي ”اَوهان سنڌي پاڻيءَ جام زيان ڪندا آهيو! اَوهان ڪالاباغ ڊئم جي خلاف ڇو آهيو؟ اوهان ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇو ٿا ڇڏيو هيترن کربن جو پاڻي!“ اِهڙو چوڻ آئون گهٽ ۾ گهٽ پوين ٽن ڏهاڪن کان ٻُڌندو اچان ٿو. پهريون دفعو 1994ع جي سنڌو درياهه جي پائڻ واري ايمرجنسي واري ڏينهن ۾ موئن جي دڙي جي اسپرن واري ڪامپليڪس کان ڪجهه ڪلوميٽر مٿي سنڌوءَ جي بند تي ايمرجنسي ڊيوٽي ۾ آيل قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي هڪ سينيئر آفيسر مون کان پڇيو هو ته ”ايس ڊي او صاحب، اَوهان ڪالاباغ ڊئم ۽ ترقي جي خلاف ڇو آهيو؟“ تڏهن اڃان ڊئمن جي ماحوليات، پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جي ويساهه گهاتين جي باري ۾ ايتري خبر ڪونه هئي. کيس ورندي ڏني هئم ”اسان جو اَوهان تي ڀروسو ڪونهي!“ منهنجي ان جواب تي چيو هئائين .”اِهو هڪ مجرماڻو رويو آهي.” اِهو سوال جڏهن به سنڌ کان ٻاهر وڏي صوبي يا اسلام آباد وڃڻ ٿيندو رهيو، مختلف وقتن تي ڪيو ويندو رهيو آهي. وقت سان گڏ اسان جي جوابن ۾ سائنس، تحقيق، وسيلن جي ورڇ، ڊئمن جا خطرناڪ ماحولياتي نقصان، دريائن جي پاڻيءَ جي حقن سان گڏ سنڌ ۽ سنڌوءَ جا بنيادي ۽ تسليم ٿيل حق، مرڪز ۽ صوبن جا تاريخي ورتاءُ جي تجزيي سان گڏ شامل ٿيندا رهيا آهن.
ماحولياتي وهڪرن، ڊيلٽا جي بچاءُ ۽ سامونڊي چاڙهه لاءِ سنڌوءَ جي وهڪرن ۽ لَٽ کي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ۾ ڪريڪن وسيلي ڇوڙ ڪرڻ جي ڳالهه (۽ حق) 1991ع واري پاڻي واري ٺاهه ۾ تسليم ٿيل آهي. ان جي باوجود اسلام آباد ۽ وڏي صوبي جي ڪامورا شاهي ۽ انجنيئر شاهي وٽان ”کربن جو پاڻي سمنڊ“ ۾ ذيان ٿيڻ جا ’طعنا، مهڻا ۽ ترقيءَ جا دشمن‘ جا لقب پڻ ٻڌڻ ۽ لکڻ ۾ ايندا رهيا آهن، جنهن کي سنڌ ماحول ۽ ترقيءَ جي پائيداريءَ جي عالمي اصولن بابت ’دريا دوست، انسان دوست ۽ ماحول دوست‘ جواب ڏيندي رهي آهي! حقيقت ۾ اِهو ئي جواب پاڪستان جي وقار ۽ ذميوار رياست هجڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ڪاش ان ڳالهه کي سمجهيو وڃي!
سرڪاري طور تي وڏي صوبي مان، هِن موسم ۾، جڏهن سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي اڻاٺ سامهون نظر اچي رهي آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ تي سوال اُٿاريا ويا آهن ۽ احتجاج سامهون آيو آهي، جنهن جو محرڪ هر پاڻيءَ جي ڦڙي کي جيڪو ڪوٽڙي کان هيٺ وڃي ٿو ان کي ’ضائع‘ سمجهڻ آهي! اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ان پوري ٽيڪنوڪريٽ ، بيورو ڪريٽ ۽ سياستدانن، زميندارن ۽ زمين سان لاڳاپيل سرمائيدارن کي خبر نه هجي ته ڪوٽڙي کان هيٺ به هڪ وڏو جهان آهي! هڪ پوري دنيا ۽ لکين ماڻهوآهن جيڪي ان ڦڙي پاڻيءَ لاءِ واجهائين ٿا! بلڪل ايئن ئي جيئن شاهه سائين سُر سارنگ ۾ مينهن (۽ وسڪاري) لاءِ واجهائيندڙن لاءِ چون ٿا ”سارنگ کي سارين، ماڻهو مِرگهه مينهون…“ ايئن ئي دريائي ايڪو سسٽم ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ (۽ مٿي پڻ) وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جاندار بيجان، انسان حيوان، تمر جا ٻيلا ۽ بتيلا، تان جو سمنڊ پڻ مٺي پاڻي کي ساري ٿو! جيڪڏهن اِهو پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي ته ايڪو سسٽم ۾ رهندڙ جيوَ جاندار کان وٺي مائيڪروبس (مالڪ جي اِهڙي ننڍي ننڍي مخلوق جنهن کي خوردبينيءَ سان ڏسي سگهجي) اهي مرڻ ۽ ناپيد ٿيڻ لڳن ٿا. ان کي ايڪو سسٽم جي نسل ڪشي، ايڪوسائيڊ ڪوٺيو ٿو وڃي! تحقيقون چون ٿيون ته ماحول جي نسل ڪشي، ڪنهن به انساني نسل ڪشي (جينو سائيڊ) جهڙي آهي.
اچو ته ان ايڪوسائيڊ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ۽ ڏسون ته جيڪو ڊيلٽا کي ختم ڪرڻ ٿو چاهي، يا جيڪو ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ کي زيان ۽ بي سود سمجهي ٿو ۽ ان ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو، ڪٿي اُهو ايڪوسائيڊ/ماحولياتي نسل ڪشي جهڙي جرم جو مرتڪب ته نٿو ٿئي؟!
ماحولياتي نسل ڪشي/ايڪو سائيڊ جي معنيٰ آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ آهي ته ”ڄاڻي واڻي يا لاپرواهيءَ ۾ انساني عمل جي نتيجي ۾ قدرتي ماحول جي تباهي کي ايڪو سائيڊ چئجي ٿو!“ ان جي نتيجي ۾ اُها سموري انساني آبادي پڻ پنهنجي وجود کي بچائڻ جي خطري ۾ اچي ٿي وڃي، جيڪي ماحولياتي نظام (ايڪو سسٽم) تي ڀاڙيندا آهن. انهن جي ايندڙ نسلن جو دارومدار پڻ ان ايڪوسسٽم جي وجود تي هوندو آهي. مثال طور، جيئن منڇر جي ملاحن جي ڪئي ڳوٺن ۽ ٻيڙن تي جُڙيل سماج کي آر بي او ڊي جي گدلي پاڻيءَ وسيلي ماحولياتي نسل ڪشي ڪئي وئي!
هيگ شهر، نيدرلينڊ (جنهن کي هالينڊ به چوندا آهن) ۾ انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ/عالمي فوجداري عدالت آهي. ساڳي ئي شهر ۾ ”انصاف جي عالمي عدالت/انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس“ پڻ آهي، جنهن ۾ دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ ڪيس هلندڙ هوندا آهن (جيئن پاڻي جي ڪجهه معاملن تي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آهن). پاڻ هاڻي عالمي فوجداري عدالت جي باري ۾ ڳالهايون پيا، جيڪا پهرين ۽ واحد مستقل عدالت آهي، جنهن جي اختيار ۾ فردن جي نسل ڪشي جي عالمي ڏوهن ، انسانيت خلاف ڏوهن، جنگي ڏوهن ۽ (ڪنهن ملڪ خلاف) جارحيت جي ڏوهن لاءِ مقدمو/ڪيس هلائي سگهجي ٿو. هاڻ ان عدالت جي اختيار ۾ ماحولياتي ڏوهه ۽ ماحولياتي نسل ڪشي پڻ شامل ڪرڻ جا سانباها هلي رهيا آهن. 2024ع جي آخر ۾ ايڪوسائيڊ کي ’روم ــ واري دستوري معاهدي‘ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چيو ويو. اِهو روم وارو دستور ئي هو، جنهن جي بنياد تي عالمي ڏوهن/فوجداري عدالت جو وجود ممڪن ٿيو!هن پوري ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته نه صرف ملڪي آئين، قانون ۽ پاليسين تحت اسان کي ماحولياتي نظام کي بهتر ڪرڻو آهي، ڊيلٽا لاءِ ۽ دريا جي جياپي لاءِ پاڻي ڇڏڻو آهي، بلڪه عالمي معاهدن، اسان جي ڏنل رياستي وچن ۽ ذميوارن تحت پڻ اسان اِهو ڪجهه ڪرڻ جا پابند آهيون!
هاڻ جڏهن 200 ڪيوسڪ هيٺ (ڪوٽڙي کان) موڪلڻ تي ڪنهن به صوبائي يا مرڪزي حڪومت جو ادارو رڙيون ڪري ٿو ته سمجهڻ کپي، اِهو ايڪوسائيڊ /ماحولياتي نسل ڪَشي جي زمري ۾ اچي ٿو! اِها ڳالهه هر ان ڌُر کي سمجهڻ کپي، جنهن کي لوئر رپيرين/دريائي پاڻيءَ جا هيٺاهين وارا واسطيدار (سنڌ ۽ بلوچستان) جي ڪا به گُهر جائز نٿي لڳي. جيڪڏهن اسان ماحولياتي نسل ڪشي جي پوري وصفن ۽ علم کي ڏسنداسون ته هر اُهو فيصلو ڪندڙ ادارو، حڪومت ۽ ڌر جيڪو پاڻي هيٺ وڃڻ نه ڏئي رهيو آهي، حقيقت ۾ هُو هڪ وسيع ايڪو سسٽم جيڪو پاڪستان جو حصو آهي، ان جي ۽ ان سان لاڳاپيل حيات جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. اسان سڀن کي سمجهڻ گهرجي ته جڏهن نوان تڪراري واهه نه ٺهيا آهن ته ذري گهٽ پوري سنڌ، سنڌو ۽ ان سان لاڳاپيل ايڪو سسٽم جي اِها حالت آهي ته پوءِ سنڌ جائز، قانوني ۽ تاريخي حقن جي تحفظ طور تي پنهنجي زندگيءَ جي بچاءُ لاءِ عدم تشدد وارو ڀرپور احتجاج ڇو ڪونه ڪندي؟
اڄ صرف 200 ڪيوسڪ جو وهڪرو، ڪوٽڙي کان هيٺ ان ڳالهه جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو ته ڄاڻي واڻي، شعوري طور تي، ڪنهن به حڪومت ۽ ڪنهن به طرز حڪمراني تحت، جيڪا 2005ع جي عالمي تحقيق کانپوءِ ان ۾ واسطيدار رهي آهي، ان تي ذميواري عائد ڪري ٿي. انهن عالمي تحقيقن ۾ 5000 ڪيوسڪ روزانو ۽ هر پنجن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ملين ايڪڙ فوٽ ڊيلٽا ڏانهن پاڻي موڪلڻو آهي. ان کي جنهن به شرطيه ڪيو آهي (ته ڊئم ٺهندا، فلاڻ ٿيندو، ته پوءِ اِهو پاڻي ڏيڻ تي سوچبو) اهو پڻ ايڪوسائيڊ جو مرتڪب ٿيو آهي.ان پوري فيصلا سازي جي گهاڙيٽي سنڌوءَ جي ماحولياتي سالميت کي سخت نقصان پهچايو آهي. ان پاڻيِ تي حيدرآباد/لطيف آباد کان ڊيلٽا تائين ڏهن کان پندرهن لک سڌي طرح پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڀاڙين ٿا. جڏهن ته مجموعي طور تي ڪوٽڙي تي گهٽ پاڻي پهچڻ جي نتيجي ۾ حيدرآباد کان ڪراچي تائين جي ٽي ڪروڙ آبادي پڻ متاثر ٿئي ٿي!هي پورو عمل ماحولياتي سرشتي کي بگاڙي ٿو پاڻي جي معيار کي خطرناڪ حد تائين گهٽائي ٿو، انساني ۽ ماحولياتي وسيع خطري جو نه صرف باعث آهي، بلڪه اِهو خطرو هڪ آفت طور سامهون آيل آهي ۽ ماحولياتي نسل ڪشي ٿي رهي آهي.