آگسٽ 1974ع ۾ عبدالمجيد بلوچ نالي هڪ شخص دستي بم کڻي هڪ وڻ جي پٺيان لڪيل ھو. هي وڻ ڪوئيٽا ۾ ان جاءِ جي سامهون آهي جتي پاڪستان جو ان وقت جو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عوامي جلسي جي سلسلي ۾ موجود هو.هي اهو دور هو جڏهن بلوچستان بغاوت جي لهر ۾ ڦاٿل هو. عبدالمجيد هڪ نوجوان باغي هو، جنھن ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪرڻ پئي چاهيو، پر اھو ناڪام ٿيو.سيڪيورٽي فورسز ھٿان پڪڙجڻ بعد سندس هٿ ۾ موجود بم غلطي سان ڦاٽي پيو ۽ عبدالمجيد موقعي تي ئي مارجي ويو. ڇٽيهه سالن کان پوءِ صوبي ۾ برپا بغاوت جي هڪ ٻي لهر ۾، بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) خودڪش بمبارن جو هڪ يونٽ ٺاهيو آهي.ان يونٽ جو نالو عبدالمجيد رکيو ويو آهي ۽ جنھن کي ‘مجيد برگيڊ’ سڏيو ويندو آهي. وڏي پئماني تي مڃيو وڃي ٿو ته بي ايل اي 2000 ۾ قائم ٿي. (جيڪو مڪمل طور تي غلط آهي). ها، اها 2006 ۾ گھڻي جنگجو تڏھن بڻي، جڏهن پاڪستان جي فوجي حڪمران جنرل پرويز مشرف مشهور بلوچ قبائلي شخصيت نواب اڪبر بگٽي خلاف آپريشن جو حڪم ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو.
پرويز مشرف بلوچ قبائلي اڳواڻن تي الزام لڳايو هو ته اهي ‘بلوچستان جي ترقي کي نقصان پهچائي رهيا آهن’ ۽ ‘صوبي لاءِ مختص رياستي فنڊ ضايع ڪري رهيا آهن’. ستم ظريفي ڏسو تھ 1970 جي ڏهاڪي ۾ بغاوت جي لهر دوران اڪبر بگٽي پاڪستان جي رياست جو ساٿ ڏنو ھو. 1948 کان وٺي تاحال بلوچ قوم پرستن پاران گهٽ ۾ گهٽ پنج هٿياربند بغاوتون ٿيون آهن، جن مان هڪ هن وقت جاري آهي 2011 کان پوءِ بي ايل اي علائقائي سطح تي پنهنجو اثر وڌايو ۽ اھا تنظيم صوبي کان ٻاهر ميڊيا جي نظر ۾ بھ اچڻ لڳي. خاص طور تي جڏهن ان خودڪش بمباري جي شروعات ڪئي.ھن کان اڳ اھڙي ڪارروائي صرف اسلامي شدت پسند تنظيمون ئي ڪنديون هيون. بي ايل اي مڪمل طور تي سيڪيولر تنظيم آهي جيڪا ڪجهه حد تائين پنهنجي اڳوڻن جي کاٻي ڌر جي ورثي کي برقرار رکڻ ۾ پڻ ڪامياب رھي آهي. جيتوڻيڪ وقت سان گڏ انھن جي لٽريچر ۾ مارڪس يا ماؤ زي تنگ جو ذڪر غائب ٿيندو ويو، پر کاٻي ڌر ڏانھن لاڙو رکندڙ بلوچ قوم پرستن جو ادب نمايان رهيو.
عجب جي ڳالهه ناهي ته، غير بلوچ ‘ترقي پسندن’ (جيڪي سماجي ۽ سياسي تبديلي جا حامي آھن ) اھو ظاھر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي تھ بي ايل اي اسلامي انتها پسند تنظيمن کان مختلف آهي، پر انهن کي مخالفت ۽ طنز کي منهن ڏيڻو پيو. بي ايل اي پاران نسلي امتياز ۽ خودڪش بم ڌماڪن جهڙن انتهائي حڪمت عملين جي وڌندڙ استعمال ڪجهه حلقن، اھڙي موقف اختيار ڪندڙن کي بيوقوف قرار ڏنو.
بي ايل اي کي اڪثر بلوچ لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) سان ڳنڍيو ويندو آهي، جنهن 1970 جي ڏهاڪي دوران بلوچ بغاوت جي سڀ کان وڏي لهر ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ھو. بي ايل ايف هڪ آزاد بلوچستان ۽ ‘قومي ڪميونزم’ لاءِ کڙي ٿي ھئي. قومي ڪميونزم جو اصطلاح سڀ کان پهرين يوگوسلاوين مارڪسسٽ ميلووان ڊيجيلس پاران ڪميونزم ۽ نسلي قوم پرستي جي ميلاپ کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. ان جي باوجود، جڏهن ڪيترن سالن کان پوءِ بي ايل اي ٺهي، تڏهن به بي ايل ايف موجود هو. بي ايل اي جون سڌي ريت پاڙون 1988 جي چونڊن جي تجربي سان ڳنڍيل آھن، ان وقت گھڻن بلوچ گروپن جي اڳواڻي قبائلي اڳواڻ ڪري رهيا هئا، جڏهن ته وڌندڙ بلوچ وچولو طبقو پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون هيون. بلوچ شاگرد تنظيمون پنهنجن قبائلي اڳواڻن کان مايوس ٿي چڪيون هيون ۽ انهن تي ‘بلوچ ڪاز’ کي ڪمزور ڪرڻ جو الزام لڳائي رهيون هيون. 1988ع جي چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ، وچولي طبقي جي بلوچ ڪارڪنن تي ٻڌل بلوچستان نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) قائم ڪئي وئي هئي. بلوچستان مان ڪجهھ اهم سيٽون کٽي ان جماعت سياسي ماهرين کي حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اھي حلقا بلوچ اڳواڻن جي مضبوط ڳڙهه طور ڏٺا ويندا هئا.
جيتوڻيڪ بي اين ايم 1990 جي وچ ڌاري ٽٽي پئي هئي، پر هي ‘بغاوت’ بلوچ قبائلي اڳواڻن ۽ نوجوان، وچولي طبقي جي بلوچ قوم پرستن جي وچ ۾ وڌندڙ ورڇ جو پهريون ثبوت هو. هڪ ٻي دلچسپ حقيقت جيڪا اڪثر نظرانداز ڪئي ويندي آهي اها ھي آهي ته بي اين ايم ۽ ايتري تائين جو ،بي ايل اي جو قيام انهن ئي بنياد پرست بلوچ شاگردن جي ڪري عمل ۾ آيو.
2011 ۾، آمريڪي، پاڪستاني ۽ هندستاني رپورٽرن جي هڪ گروپ ماسڪو ۾ ٻن اڳوڻي سوويت ايجنٽن جو انٽرويو ڪيو، جن ٻڌايو تھ بي ايل اي بنيادي طور تي سوويت انٽيليجنس ايجنسين جو پروجيڪٽ ھو، جيڪو بلوچستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ھئي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان 1980 جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ سوويت مخالف بغاوت ۾ ملوث هو. ائين، بي ايل اي شروعاتي طور تي 1980 جي ڏهاڪي ۾ منظم ٿي، پر سوويت يونين جي زوال سان گڏوگڏ اھا بھ وکري وئي. حقيقت ۾، بي ايل اي 2000 ۾ٻيھر زندھ ٿي ھئي.اھا قائم نه ٿي ھئي. هوءَ اڳ ۾ ئي موجود هئي.تنھن ڪري جڏهن بي ايل ايم جي جن ڌڙن اليڪشن سياست کي ڇڏي ڏنو ھو، انھن ئي ڌڙن سڀ کان اڳ بي ايل اي کي زندھ ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. 2000ع جي وچ ڌاري، تقريبن سڄي بي ايل اي کي وچولي طبقي جا بلوچ هلائي رهيا هئا. اڄ بي ايل اي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ رياست مخالف بلوچ ويڙهاڪ تنظيم آهي، جڏهن ته ان وٽ ڪافي وسيلا پڻ آهن. 1970 جي ڏهاڪي ۾ بي ايل ايف جهڙين تنظيمن کي عراق جي اڳوڻي بعث سوشلسٽ حڪومت ۽ سردار دائود جي اڳواڻي ۾ افغان قومپرست حڪومت کان ڪجهه فنڊنگ ۽ هٿيار مليا ھئا، پر ڪڏهن به اهڙو ڪو ثبوت نھ مليو ته بي ايل ايف کي هندستان يا سوويت يونين کان اهم امداد ملي ھجي.
1980 جي ڏهاڪي ۾ بلوچستان ۾ سوويت يونين جي دلچسپي وڌي وئي، پر 1991 ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ سان اها به ختم ٿي وئي. ان وقت تائين، صوبي جي "پختون بيلٽ” تي اسلام پسند گروهن جو غلبو شروع ٿي چڪو هو، جن مان گهڻن کي رياست 1980 جي ڏهاڪي جي ‘افغان جهاد’ کي سگھھ ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ھو.نظرياتي طور ھڪ ٻئي کان مختلف ھئڻ جي باوجود، بي ايل اي ۽ اسلامي انتهاپسند تنظيمن صوبي ۾ هڪ ٻئي جي موجودگي کي وڏي حد تائين برداشت ڪيو آهي ۽ ايستائين جو ھڪ ٻئي سان سھڪار بھ ڪيو آهي. اهو بيانيئو ته ناراض بلوچ ۽ رياست جي وچ ۾ سنجيده ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، جنھن جو پڙاڏو بار بار ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. وچولي طبقي جو بلوچ بنياد پرستن ان تي ڪن نٿو ڌري. ڇاڪاڻ ته، انهن جي خيال ۾، اهو هڪ غير موثر قبائلي اڳواڻن ۽ روايتي سياسي جماعتن جو پيدا ڪيل موقف آهي.بي ايل اي کي اھم فنڊ ڏيندڙ توقع ڪن ٿا تھ ويڙهاڪ گروپ پنهنجي ڪاررواين کي تيز ڪري ۽ ان جي حمايت جي بدلي ۾ رياست خلاف وڌيڪ جارحاڻو رويو اختيار ڪري. 1970 جي ڏهاڪي جي ڪمزور هٿياربند بلوچ ويڙهاڪن جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي، بي ايل اي جا جنگجو يونيفارم پائين ٿا ۽ جديد فوجي سامان ۽ هٿيارن سان ليس آهن. پر سوال اهو آهي ته، انهن کي اهو سامان آخر ڪير فراهم ڪري رهيو آهي؟
سياسيت جي ماھر سيما خان جي مطابق، هندستان بي ايل اي جو اھم مالي مددگار آهي. 2024 ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ‘بلوچستان اينڊ دي ميلنج آف وائلنس’ ۾، هوءَ چوي ٿي ته، "هندستان بلوچ عليحدگي پسندن کي هٿيار، فنڊ، تربيت ۽ پناهه فراهم ڪري ٿو.” ھندستان بلوچستان ۾ چيني رٿائن کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ تڪرار جاري رکڻ چاهي ٿو. بي ايل اي ھڪ طرف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ علائقائي تڪرارن جو فائدو ورتو آھي، جڏهن ته ٻئي طرف، بي ايل اي،کي هندستان، ايران ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرارن مان پڻ فائدو رسيو آھي. جڏهن ته، ان کي ان جي قيمت پڻ ادا ڪرڻي پئي جئين افغانستان ۾ گھرو ويڙھ جو امڪان وڌي رهيو آهي، تھ، بي ايل اي، جنهن جا افغانستان ۾ مضبوط مرڪز موجود آهن، ان مان توقع ڪري سگھجي ٿي تھ اھا ڪابل ۾ ‘هندستان نواز’ طالبان ڌڙي سان گڏجي ‘پاڪستان نواز’ طالبان ڌڙي، جنگ ڪري جيڪو حقاني گروپ آهي،جنھن سان صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿو.
سياسي تجزيه نگار نجم سيٺي جي مطابق، افغانستان ۾ امڪاني گھرو ويڙھ هندستان نواز طالبان، ايران جي حمايت يافته شدت پسندن، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بي ايل اي جي وچ ۾ اتحاد جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيڪو سراج الدين حقاني جي طالبان، پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي حمايت يافته غير پختون مليشيا خلاف وڙهندو.جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي، ته بي ايل اي وکري سگهي ٿي ۽ ايتري قدر جو انهن تڪرارن جي نتيجي ۾ پهرين ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور گروپن مان هڪ بڻجي سگهي ٿي.