لاهور (عطاءُالله ميمڻ) پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ممتاز علي چانگ چيو ته پاڻي جي کوٽ ته پنجاب ۾ به آهي، اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو. پاڻي ڪٿان نه ڪٿان ته کنيو ويندو پوءِ کڻي چناب کي ڪٽ هڻجي يا سنڌو مان کڻجي. سينٽرل پنجاب ته پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ زمينون آباد ڪري رهيو آهي ۽ هو پنهنجو پاڻي وٺي ويندا. ڪئنال ٺهن ٿا ته پوءِ رڳو اسان جون زمينون رهجي وينديون، بهتر اهو هوندو ته اسان کان زمينون ئي وٺي ڇڏين. لڳي ائين ٿو ته ڪئنالن تي ڪم شروع ٿيو آهي پر تصديق نٿي ڪري سگهجي، اسان ان جي حق ۾ نه آهيون. سنڌ جو پاڻي چوري ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيندو ان جي ڪري احتجاج ڪندا، پيپلزپارٽي کي دفاع ڪرڻو آهي.