ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري،هر هنڌ ڪئنال نامنظور نعرن جي گونج،خبر موجب ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪنڀار هوٽل کان ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪئي وئي.ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو به وڏو انگ شريڪ. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو،ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس ختم ڪريو، ايس آءِ ايف سي ختم ڪريو جا پرجوش نعرا هنيا ويا.ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار،عبدالرحمان سمون،حنيف سارنگ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سورٺ مڱڻھار،ايڊووڪيٽ نياز بھراڻي،آبادگار عبدالرحمان، محمد بچل سميجو، شمائلا سميجو،سائين بخش جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پنجاب جا حڪمران ڏاڍ مڙسي ڪري گذريل 172 سالن کان سنڌ جو پاڻي چورائي رهيا آهن، پنجاب کي 172 سالن جي پاڻي چوريءَ جو حساب ڏيڻو پوندو،سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي پر پنجاب جا ٻوڏن وارا ڪئنال وهي رهيا آهن،هنن چيو ته سنڌ جا وسيلا وفاق حوالي ڪري پيپلز پارٽي صدارتي سيٽ حاصل ڪئي هاڻي سموري سنڌ وڪرو ڪري پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿي،هوڏانهن عوامي تحريڪ طرفان ٿرڙي محبت ۾ احتجاجي ريلي ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر،سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊئي،عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ڪامريڊ سرتاج احمد چانڊئي، علي حسن وڪي، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي ۽ گل زمان ناريجو چيو ته دادو ڪئنال ۾ 98 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ آهي اهڙي صورتحال ۾ پنجاب جا چشما جهلم ۽ تونسا پنجند جهڙا ٻوڏن وارا ڪئنال وهي رهيا آهن.ٻئي پاسي عوامي تحريڪ ميرپور ساڪرو پاران ساڪرو شهر ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، ساڪري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ "ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور” جا زوردار نعرا هنيا ويا.ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر رزاق چانڊيو، تعلقي صدر ٺارو خان شيخ، ھاري تحريڪ اڳواڻ دريا خان زئور،سنڌي ھاري تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر بلاول لاشاري، مظھر لاشاري، ادريس پليجو،ضلعي اڳواڻ رياض عباسي، ايوب انڙ،سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي اگواڻ مجاھد بلوچ، عبدالله چانڊيو، سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي اڳواڻ فاضل بلاول لاشاري، عوامي تحريڪ ڪيٽي بندر جي صدر اسلم سمون، تعلقي گھوڙاباڙي جي صدر الله بخش بلوچ، لال چند مائسري، اقبال لاشاري،جبار لاشاري، نياز لاشاري،نياز خشڪ،سنڌي شاگرد تحريڪ ساڪري جو صدر نويد لاشاري،ينگ سوشل نيٽ ورڪ جي اڳواڻ رزاق ڪلمتي،سماجي اڳواڻ ڪي بي لاشاري،عبدالغني عباسيڌڻي بخش لاشاري ۽ٻين ڪئي،هوڏانهن عوامي تحريڪ ۽ ڏکن سکن جي سٿ طرفان ڳوٺ خدا بخش واهوچا کان نصيرآباد تائين 7 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪئي وئي.مارچ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي.ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر،سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊئي، ذوالفقار واهوچي،سرائي وسيم، ڪامريڊ سرتاج چانڊئي،علي حسن وڪي، الله وسايو واهوچي ۽ علي گل واهوچي ڪئي.اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو، ٻئي پاسي ڪنڊيارو ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌو درياهه مان چولستان سميت 9 ڪينال ڪڍڻ خلاف ٽائون ڪميٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،ريلي جي اڳواڻي حمز علي چانڊيو،شڪيل گهانگهرو ۽ ٻيا اڳواڻ ڪري رهيا هيا،ريلي ۾ جسقم،پي ٽي آءِ،ايس يو پي،جي يو آءِ ،ڪنڊيارو بار ۽ ٻين مختلف تنظيمن جا اڳواڻ،سوين ڪارڪن،صحافي،شهري مرد،عورتون۽ ٻارڙا به شريڪ ٿيا، قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تان ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، اڳواڻن حمز علي چانڊيو،صحافي ڊي ايم سومرو،بار تعلقي ڪنڊيارو جي صدر سيد ناياب شاهه،جسقم جي هارون ڪلهوڙو،سهيل گهانگهرو،حبدار ملاح،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ذوالفقار ملاح،پي ٽي آءِ جي نظر محمد دستي،راشد ڪليري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو سنڌ اڳ ئي زرعي زمين ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي،سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جو قبضو رهيو آهي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياء جي پاڻي جو سودو ڪري ڪينال ڪڍڻ جي اجازت ڏني آهي،سنڌ جو عوام ان جو اصل ڪردار ڄاڻي چڪو آهي،هاڻي سنڌي عوام هن جي وڌيڪ چالاڪين ۾ نه ايندو هوڏانهن بدين فارمان سوسائٽي بدين ضلعي طرفان غلام حيدر بڪاري، صدام عنايت پٺاڻ، رضوان شيخ ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زرعي معيشت جي شهه رڳ آهي۽ وفاق پاران غير قانوني طور نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ جي زراعت، ماحوليات ۽ معيشت لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو،ڪوٽڙي ۾ قومپرست جماعتن پاران گڏيل طور سنڌو درياء مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف بروھي چوڪ کان مشعل بردار ريلي ڪڍي ڄامشورو ميڊيا سينٽر اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ،اڳواڻن لونگ ملاح قادر ملاح اعجاز سومرو خالد لاشاري قادر آزاد پنھور ۽ ٻين چيو ته ملڪ جي صدر منظوري ڏئي سنڌو درياء مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏني پيپلز پارٽي سنڌ دشمن منصوبا ٺاھي ھاڻ مڃڻ لاءِ تيار ناھي، هوڏانهن ڄامشوري ۾ سنڌو درياهه تي 6 نون ڪينالن جي تعمير ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌي ادبي سنگت ۽ شهر جي نوجوانن پاران الڳ الڳ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ڄامشورو شھر جي نوجوانن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي ريلي جي اڳواڻي عاطف صفر چانڊيو، سيوا اڳواڻ محمد علي گهانگهرو، شاهه لطيف جي شارح ۽ راڳي انتخاب بڙدي،ڪامريڊ غني الله چانڊيو، فرحان صفر چانڊيو ۽ ٻين ڪئي،سنڌ يونيورسٽي سي اين جي کان ڄامشورو ڦاٽڪ تائين ڪڍيل پيادل ريلي ۾ ڄامشوري جي نوجوانن، ٻارڙن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيوهڻ بس اسٽاپ وٽ هنيل ڌرڻي دوران سنڌو درياهه تي ڪينال سمورا نامنظور، سنڌو درياهه تي ڌاڙو نامنظور، پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، زرداري توسان جهيڙو آ، جا اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪيو جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄامشورو ڦاٽڪ جي سڏ تي ادبي سنگت جي اڳواڻن محمد صديق جويو، شوڪت سھارڻ، محمد ايوب جوڻيجو، اسلم اسراڻ، غلام محمد گاڏھي، منظور ابڙو، مولا بخش گاڏھي، ايس يو پي اڳواڻ پير بخش سھارڻ، سرور برفت، وحيد جويو، ولي جويو، شلوا چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ھوڏانھن ڄامشورو ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سروري جماعت ضلعي ڄامشورو طرفان جماعت جي اڳواڻن اياز وگھيو, غلام نبي سمون، سليم راڄڙ، علي شير ڪاڪا، عمران پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .