نيوسعيدآباد(ن ع آ) سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن بينظير چوڪ کان پنڌ مارچ ڪري پريس ڪلب سعيدآباد جي اڳيان جلسو ڪيو. ريلي ۾ قوم پرست ڪارڪنن سميت مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته بلاول، آصفا، بختاور ۽ مراد علي شاھ تاريخ جي درست پاسي اچي بيهن، ڪئنال ٺهيا ته سنڌ ڪربلا جو ميدان هوندي ماڻهو هڪ ڍڪ لاءِ تڙپندا. ٽن صوبن کي ريگستان بڻائي هڪ صوبي کي سرسبز بڻائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟ ملڪ رواداري، برابري ۽ انصاف تي هلن ٿا، نه ڪي تعصب ۽ استحصال تي. 1991ع جي معاهدي موجب 117 ايم اي ايف پاڻي موجود نه آهي جڏهن پاڻي موجود ئي نه آهي ته نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ڪينال ھر ان ماڻهوءَ جو مسئلو آهي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو جنهن وٽ ڀلي هڪ جريب زمين به نه هجي. سنڌي غلام نه آھن ھو پنهنجي سنڌ جو پاڻي وڪڻڻ نه ڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو ته ھنن بدي ۽ ڏيوٺ جي سڱاوتي ڪئي آھي، ھي وقت مايوس ٿيڻ، ٿڪجڻ، روئڻ، بھانا ڪرڻ، ڳوڙھا ڳاڙڻ ۽ گھر ويھڻ جو ناھي، ھي وقت ڳاٽ اوچو ڪري، جھر جھنگ سجاڳ ڪرڻ ۽ گھٽي گھٽي ۾ مزاحمت ڪرڻ جو آھي. نوان ڪينال ٺاهڻ سنڌ جو مستقبل داءُ تي لڳائڻ آهي. سنڌو درياھ جو رستو بند ڪري ملڪ جي وحدت سان نه کيڏيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آهن وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جون شڪايتون نه ٻڌي رهي آهي. چشما ۽ تونسه واهن کي مسلسل وهائڻ ۽ نوان ڪينال ٺاهڻ غير آئيني عمل آهي. سنڌ جي هاري ۽ مزدور کي ٻن وقتن ماني لاءِ محتاج بڻايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي سيڪريٽريٽ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ سنڌ جي ڪا به نمائندگي ناهي. اياز لطيف پليجي چيو ته زرداري شهباز نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي سنڌو تهذيب کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. اياز لطيف چيو ته زرداري، شهباز شريف پنهنجي عارضي مفادن جي لاءِ فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ بند ڪن.