سيوهڻ ڀرسان ٻيلي کاتي جي زمين تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) سيوهڻ جي  ڪچي واري علائقي ماهي اوٺو ٿاڻي جي حد ۾ ٻيلي کاتي جي زمين جي مالڪي تان بڙدي ۽ اوٺا برادري جي ٻن ڌرين ۾جھيڙو  ٿي پيو جنهن ۾ مسلسل 9 ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ مورچي تي ويٺل ھڪ شخص محمد حسن بڙدي موقعي تي مارجي ويو. ٻئي پاسي 9 ڪلاڪن فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ايس ايس پي ڄامشورو معاملي جو نوٽس ورتو ۽ سندس حڪم تي ايس ايڇ او سيوھڻ ۽ ماھي اوٺو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوليس جي پھچڻ بعد بڙدي برادري جا ھٿياربند مورچا ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ پوليس پھچڻ بعد فائرنگ جو سلسلو رڪجي ويو جڏهن ته فائرنگ سبب ڳوٺ ڪرمپور ۽ آس پاس وارن ڳوٺن ۾ خوف واري صورتحال برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.