اسلام آباد (رئوف ڪلاسرا) شير افضل مروت چيو ته 9 مئي کانپوءِ مان عمران خان جو وڪيل هيس، ان کانپوءِ سندس ساٿ نه ڇڏي سگهيس ۽ سياست ۾ به اچي ويس، اهو حادثاتي طور ٿيو. پي ٽي آءِ وارا ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هنن شير افضل مروت کي استعمال ڪيو، مان ته رضاڪاراڻي طور تي پي ٽي آءِ ۾ رهيو هيس. عيد کانپوءِ هي احتجاج ڪندا، هنن تي ڪنهن کي اعتماد آهي؟ هي مون کي منٿون ڪندا، هن ڀيري مان رڳو پارٽي ۾ واپس اچڻ نه چاهيندس، پر هاڻي اهو به چاهيندس ته جيڪا خلق مون تي کلي آهي ان جو ازالو به ٿئي. جن ماڻهن مون سان ائين ڪيو انهن جو ازالو ٿئي. علي امين گنڊاپور جي پوزيشن به خطري ۾ آهي. مستقبل ۾ پي ٽي آءِ کي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو، ڪوڙا ڍڪ ڀرڻا پوندا. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم تي 2، 2 ارب رپيا ورهائجي رهيا هئا، مون کي به آڇ ٿي هئي، پي ٽي آءِ وارا ويا هئا وٺي آيا هئا، فارورڊ بلاڪ لاءِ وري پيسا ورهائجي رهيا آهن، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جا ذريعا هجن ها ته مون تي استعمال ڪن ها ۽ مان پيسا به وٺي ڇڏيان ها. عمران خان جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کان معافي ورتي ته مان پاڻ ئي سندس ساٿ ڇڏي ڏيندس، عمران خان ڪنهن ڳالهه جي معافي گهري؟ مون کي پارٽي مان ڪڍڻ جو سڀ کان وڏو فائدو ته اسٽيبلشمينٽ جو آهي، ڇو ته لکين ماڻهو ته نڪري پئي سگهيا، اسان وٽ موقعو هو. عمران خان جي آزادي تڏهن ممڪن آهي جڏهن هو انهن ماڻهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري جن کيس اڄ ڪلهه گهيري ۾ ورتو آهي ساڻس گڏ ويٺل آهن، اهي بيڪار ماڻهو آهن. پاڻ به ڪم نٿا ڪن، ٻين کي به نٿا ڪرڻ ڏين. هن صلاح ڏني ته عمران خان کي سوشل ميڊيا جا پر ڪٽڻ گهرجن، سوشل ميڊيا جي گارگند ڪندڙن گهڻو نقصان ڏنو آهي.