ڪراچي(رپورٽر)غير قانوني افغان پناهه گيرن ۽ افغان ڪارڊ هولڊرز کي پاڪستان ڇڏڻ ۾ صرف 9 ڏينهن باقي آهن. سنڌ ۾ قانوني ۽ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين جي واپسي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ٻئي مرحلي ۾ پهرين اپريل کان غير قانوني افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانين کي 15 فيبروري کان 31 مارچ تائين رضاڪاراڻي وطن واپسي جي آڇ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت سڪيورٽي، آپريشنل ۽ اسٽريٽجڪ پلان تيار ڪري ورتو آهي، افغان شهرين جي واپسي جو پلان وفاقي حڪومت جي هدايتن تي گهرو کاتي ۽ ڪمشنرن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ ۾ ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هولڊنگ پوائنٽس به قائم ڪيا ويا آهن.