سنڌ ۽ سرائڪي وسيب جي زمينن تي قبضا پيا ٿين:خالق جوڻيجو

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو ، جنرل سيڪريٽري هاشم کوسو ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌوءَ مان ڪئنالن لاءِ ڏاڍ ۽ طاقت جي بنياد تي پاڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي ٿو سنڌوءَ مان پاڻي جي چوري گذريل صدي کان جاري آهي پر هينئر سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو کي مڪمل سڪائڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ پنجاب کي گرين پاڪستان جي نالي ۾ ترقي ڏني وڃي ٿي،هنن چيو ته ڪاپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌو مان ڇهه ڪئنال ڪڍي گريٽر چولستان جي منصوبي تي عمل ڪرڻ خاطر سنڌ ۽ سرائڪي وسيب جون  هزارين ايڪڙ  زمين ڌارين ۽ غير ملڪين ڏئي مقامي ماڻهن جو معاشي قتل ۽ ان سان گڏوگڌ ڌارين کي آباد ڪري اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل آهي. اهڙن عملن کي سنڌ جي ماڻهن هميشه رد ڪيو آهي ۽ ان خلاف جدوجهد ڪئي آهي جيڪا جاري رهندي ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ 20 اپريل تي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ڌاري آبادڪاري خلاف ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ جو پروگرام رٿيوآهي جنهن ۾ سنڌ جي سڀني وطن دوست ڌرين کي شامل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.