ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو به فرد سوشل ميڊيا پليٽ فارمن (فيس بڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام، ٽوئيٽر وغيره) تي رياست، پاڪستان جي فوج يا سلامتي وارن ادارن خلاف مواد شيئر ڪندو يا بي واءِ سي ۽ ٻين رياست مخالف عنصرن جي حمايت ۾ پوسٽ، وڊيو يا بيان اپلوڊ ڪندو، ته ان خلاف پيڪا ايڪٽ تحت سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙي ڊيجيٽل سرگرمي قومي سلامتي جي خلاف ڏوهه سمجهي ويندي. شهرين کي اپيل ڪئي وئي ته هو ذميواري جو مظاهرو ڪن، ڪوڙي پروپيگنڊا کان پاسو ڪن ۽ ڪنهن به شڪي يا چڙ ڏياريندڙ مواد جو اطلاع لاڳاپيل اختيارين کي ڏين.