ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي ترجمان چيو آهي ته بلوچستان ۾ انسانيت سوز تاريخ رقم ٿي رهيآهي،گذريل ڏينهن پرامن احتجاج تي فائرنگ سان 5 هٿين خالي بلوچن جي شهادت کانپوءِ مظاهرين ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل هئا ته مٿن ٻيهر وحشياڻو تشدد ۽ شهيدن جا لاش سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ بربريت جو ثبوت آهي،ترجمان چيو ته حڪمران بلوچستان ۾ رتوڇاڻ جاري رکڻ چاهين ٿا،ماهه رنگ سميت چار ڀينرن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪرڻ حڪومت ۽ فارم 47 جي حڪمرانن جي وائڙائپ ۽ شرمناڪ قدم آهي،پورو بلوچستان ڪاوڙ ۽ ڏک ۾آهي،حڪومت هٿ وٺي عوام کي مڇرائڻ چاهي ٿي ٻئي پاسي قائم مقام گورنر بلوچستان ڪيپٽن(ر)عبدالخالق اچڪزئي چيو ته آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي،احتجاج جي اوٽ ۾ عوام کي تڪليف ڏيڻ ناقابل قبول آهي،مسئلن جو حل احتجاجن ۽ هڙتالن بدران ڳالهين سان ڪڍي سگهجي ٿو