عوام فتنه خوارج ۽ ٻين دهشت گردن خلاف پاڪ فوج سان گڏ آهي: صدر زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيوآهي ته فتنہ الخوارج ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائينداسين، دهشتگردن جي ناسور جي خاتمي لاءِ سڄي قوم هٿياربند فوج سان گڏ آهي. يوم پاڪستان جي تقريب ۾ خطاب ڪندي صدر مملڪت چيو ته اڄ جو ڏينهن لکين قربانين جي ياد تازي ڪندو آهي. اسين وطن جي شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. پاڪستان جو مقصد مضبوط ۽ جديد اسلامي فلاحی مملڪت آهي. هن چيو ته لکين قربانيون ڏئي حاصل ڪيل آزادي جي حفاظت ڪرڻي آهي، مادر وطن جي تحفظ ۽ آزادي جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان ڪيٻائن نه ٿا. صدر مملڪت چيو ته اسان بيروني ۽ اندروني دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي، اندروني ۽ بيروني سازشوں جي باوجود پاڪستان جي تعمير جاري رکون ٿا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف عوام ۽ فوج گڏجي بيٺا آهن، مادر وطن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوء نه پوڻ ٿيون. اسان اندروني ۽ بيروني دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته ففٿ جنريشن وار فيئر هڪ اهم چيلنج آهي، نوجوان نسل ۾ نفرت ۽ مايوسي پکيڙيندڙ عنصر کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. اسان بهاد قوم آهيون، خطرن تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت رکون ٿا. صدر پاڪستان چيو ته ڀارت هميشه پاڪستان کي ميرين اکين سان ڏسي ٿو، غزہ ۾ ناحق مسلمانن تي اسرائيل جي ظلم کي مذمت ڪندا آهيون. صدر مملڪت چيو ته يوم پاڪستان جي موقعي تي ڪشميري عوام سان ايڪتا ڪندا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.