اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ”نشان پاڪستان“ شهادت کان 45 ورهين کانپوءِ نوازيو ويو آهي. ايوان صدر ۾ منعقد ٿيل اعليٰ ترين سول اعزاز واري تقريب ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي صنم ڀٽو ايوارڊ وصول ڪيو، ان موقعي تي ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. تقريب ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جون سياسي ۽ قومي خدمتون بيان ڪيون پيون وڃن ته صنم ڀٽو جذبات تي ضابطو نه رکي سگهي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي آيا. تقريب ۾ چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خاتون اول آصفه ڀٽو ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو جو اعليٰ ترين سول ايوارڊ سندس ڌيءَ صنم ڀٽو وصول ڪيو. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي سول اعزازن سان نوازيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي باني کي شهادت جو اعليٰ ترين سول ايوارڊ ملڻ تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽو کي هي اعليٰ ترين سول ايوارڊ پاڪستان ملڻ ڀٽو ازم جي نظريي جي فتح آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي نشان پاڪستان جو اعزاز ملڻ سندس قابل قدر خدمتن جو اعتراف آهي، قائد عوام عوام کي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو شعور ڏنو ۽ سندن آواز بڻيو. هن وڌيڪ چيو ته وقت جي آمر فخر ايشيا شهيد ڀٽو جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڄ به ڳڙهي خدابخش جي عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڀٽو ازم جي پيروڪار آهي ۽ هميشه پنهنجي شهيد باني جي مشن تي جاري رهندي.