ڪراچي (رپورٽر+م ڊ) وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه مزارِ قائد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪئنال نه پيا ٺهن، پر ماڻهن ۾ جيڪو خدشو آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ ماڻهن وٽ وڃي کين اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير وضاحت ڪئي ته پنجاب ڪئنال ٺاهڻ چاهي ٿو، پر اسان انهن کي روڪيو ويٺا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڪئنال يا سنڌ جو پاڻي ڪنهن کي به نه ڏنو ويندو، صرف ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ بچي ويل پاڻي مهيا ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت به شامل هوندي. زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار پاڻ به ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا رکي ٿي، ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومت جا پنهنجا منصوبا موجود آهن. مراد علي شاهه حيدرآباد-سکر موٽروي بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته وفاق اهو ڪم نه پيو ڪرائي، جڏهن ته ايڪنڪ اجلاس ۾ هڪ ٻيو روڊ بحث هيٺ آهي، جيڪو ساڳئي خرچ ۾ ٺهي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان جو اعتراض ڪنهن به روڊ جي تعمير تي ناهي، پر ترقياتي منصوبن ۾ توازن هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ نشاندهي ڪئي ته هن وقت تائين سي سي آءِ جا پنج اجلاس ٿيڻ گهرجن ها، پر هڪ به اجلاس ناهي ٿيو، جيڪو آئين جي خلاف آهي. هن چيو ته اسان ان بابت وفاق کي خط لکيا آهن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو مطالبو ڪريون ٿا. مراد علي شاهه وضاحت ڪندي چيو ته چولستان وٽ ڪو به ڪئنال نه پيو ٺهي اهو رڳو مٽي کي چوريو ويو آهي. هن چيو ته ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.