ڪئنالن خلاف حيدرآباد ۾ مختلف تنظيمن جو مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سنڌو  درياھ تي نوان ڪينال ٺاھڻ خلاف سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪرز يونين، پورهيت مزاحمت تحريڪ، هوم بيسڊ وومين ورڪرز يونين جي سڏ تي لال بخش سٺيو، پشپا ڪماري، ڪامريڊ جميلا خان، فاطمه لغاري، نثار لغاري، جيئي سنڌ محاذ جي بشير شاھ، شاھينه لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳوڻن چيو ته سنڌو درياھ مان زبردستي ڪينال ڪڍيا ويا ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا. هنن چيو ته سنڌ هن وقت ئي پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آھي. سنڌ جون هزارين ايڪڙ زمينون سوڪڙي جو شڪار آھن. پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت پهريائين تباهي جي ڪناري تي پهتل آھي. جيڪڏهن سنڌو درياھ تي وڌيڪ ڪينال ٺاهيا ويا ته سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.