حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سڀاڻي (اڄ) نيو سعيد آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ بينظير چوڪ کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب نيو سعيد آباد اڳيان جلسي عام ڪيو ويندو. ساڳئي ڏينهن تي ٽالھي اسٽيشن شھر ۾ صبح 11 وڳي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون،گنگا ڪولھي جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويندو، 24 مارچ صبح 10 وڳي جھوڪ شريف ۾ صوفي شاھ عنايت شهيد جي مزار کان کان مين اسٽاپ تائين پيادل مارچ ڪيو ويندو، 26 مارچ مٺي ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ريلي ڪڍي ويندي، 27 مارچ 24 ميل ڪوٽ غلام ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويندي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته 6 نوان ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ جو رخ چولستان ڏانھن ڪيو پيو وڃي. اھي ڪئنال ٺھي ويا ته پاڻ سڀ پاڻي ڦڙي لاءِ سڪي وينداسين. ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھ ريگستان بنجي ويو آھي، 1991 ٺاھ تي عمل نٿو ڪيو وڃي،هن چيو ته پاڻي نه هوندو ته سنڌ جا ماڻهو ڪشتو کڻي پنڻ تي مجبور هوندا، انڪم سپورٽ ذريعي اڳ ۾ ئي عورتن کي پنڻ سيکاريو ويو آهي. پيپلزپارٽي کي سمجهڻ کپي سنڌ پنهنجي پاڻي جو هڪ ڦڙو به وفاق کي ڏيڻ نه ڏيندي