سنڌ ۾ جڊيشل آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ۾ جڊيشل ججن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن،نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل سيشن جج عارف راجپوت کي ٽنڊو محمد خان ايڊيشنل سيشن جج خالد حسين لغاري کي ٽنڊو محمد خان مان حيدرآباد مقرر ڪيوويو آهي.ايڊيشنل سيشن جج محمد علي کي ڪراچي اولهه کان شڪارپور مقررڪيو ويو. محمد اسلم چانڊيو کي شڪارپور کان ڪراچي ويسٽ، سينيئر سول جج درشهوار کي ڪراچي سينٽرل، سول جج ڪرم علي شاهه کي ڊسٽرڪٽ قمبر ۾، سول جج محمد علي جروار جي ڪراچي سينٽرل کان مير واهه ۾ بدلي ڪئي وئي آهي، سول جج شڪيل ملتاني کي ميرواهه کان ڪنڌڪوٽ ڪشمور مقرر ڪيو ويو سول جج عادل عزيز سولنگي کي ڪراچي ايسٽ، سول جج محمد مازن بليدي کي ڪشمور کان ڪراچي سينٽرل، سول جج شاهنواز کي ڪراچي ڏکڻ کان  چمبڙ، سول جج نواب خاصخيلي کي چمبڙ کان ڪراچي ڏکڻ ۽ سول جج عطا حسين کي گمبٽ کان مير واهه بدلي ڪيو ويو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.