حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ رياض علي چانڊيو چيو آھي تـ سنڌ حڪومت ۽ سڄي پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻھن جي سخت ردعمل کان پوءِ ڪئنالن جي حوالي سان ڍونگ ۽ فريب جا سڀ آزمايل طريقا اختيار ڪيا آھن ته ھو ڪئنالن جا مخالف آھن ھڪ طرف چون ٿا ته ڇھن ئي ڪئنالن جا مخالف آھيون تـ ٻي طرف پنھجي پيڊ دانشورن کان چورائين پيا ته چار ڪئنال ڀلي ڪڍيا وڃن سنڌ اسيمبلي ۾ ڪوڙ تي ٻڌل جذباتي تقريرون ڪري سنڌ جي حقيقي محب وطن قومپرستن ۽ جھدوجھد جي ميدان ۾ بيٺلن خلاف غير پارلياماني ۽ بازاري ٻولي ڳالھائي پئي وڃي هن چيو ته اسان جيئي سنڌ محاذ پاران 24 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ غير قانوني ڪئنالن درياهه تي ڌاڙي ۽ جبري گمشدگين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف احتجاجي مظاھرن جو سڏ ڏيون ٿا