راضيديري ۾جتوئي سيال تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙمنٿ قافلو پهتو

گمبٽ(رپوٽ: تاج محمد مھر) راضيديرو ڀرسان جتوئي، سيال زميني تڪرار جي خاتمي لاءِ شاهن جتوئي، سيد زاهد شاهه جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو سيال برادري جي چڱي مڙس غوث بخش سيال جي اوطاق تي پهچي ويو. ٻئي ڌريون فيصلي لاءِ راضي آهن. جھيڙن سبب راضيديرو ۽ آسپاس جا علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن. فيصلو ڪري صلح ڪيو وڃي. سيال برادري به فيصلي لاءِ راضپو ڏيکاريندي 5 ڏينهن جو صلاح مشوري لاءِ وقت گھري ورتو آهي. ڌرين جي راضپي بعد فيصلي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي ويندي. ياد رهي ته هن وقت تائين سال ۽ جتوئي تڪرار سبب ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن ۽ 5 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جھيڙن سبب علائقا تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم ٿي وڃن ٿا. جهيڙا ختم ڪري ملڪ، سنڌ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.