واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي جي پرڏيهي ترجمان ٽيمي بروس پي ٽي آءِ باني عمران خان بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته آئون ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي آهيان، آئون چاهيان ٿي ته ان معاملي تي توهان وائيٽ هائوس کان پڇي وٺو، آمريڪا کي پنهنجي پاڙيسرين جي پرواهه هوندي آهي، اسان کي فڪر آهي ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟.