ڪئنال رٿا جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي:مرتضيٰ جتوئي

ڀريا/مورو/نوشهروفيروز(نمائندا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ جلباڻي ۾ سنڌي ادبي سنڱت شاخ جلباڻي جو سيڪريٽري اديب ليکڪ شاعر عبدالله شاد جلباڻي جي وڇوڙي تي سندس وارثن ڊاڪٽر امين جلباڻي ڊاڪٽر سعيد جلباڻي جي ڊي اي اڳواڻ شڪيل خان جلباڻي پروفيسر عطاء الله خان جلباڻي مولانا عمران جلباڻي سميت ٻين سان اين پي پي سربراھ مير غلام مرتضي خان جتوئي  تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي ان موقعي تي غلام مرتضيٰ خان  جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته موجودھ پير پاڳارو حق ۽ سچ جي جنگ وڙھي رھيو آھي شھيد سورھيه بادشاھ حر تحريڪ  شروع ڪري ۽ انگريزن کيللڪاريو اسان جو  ڊي ڊي اي سان گڏ واضح  موقف آھي جيستائين ڪئنالن جي خاتمي جو اعلان نه ٿيندو اسان سنڌ جي عوام سان گڏ جدوجھد جاري رکنداسين،هوڏانهن مورو مرتضيٰ خان جتوئي  عوامي آواز  سان ڳالھائيندي چيو ته  پيپلز پارٽي جي سياست منافقت تي ٻڌل آھي سنڌ ۾ ھڪڙي ڳالھ وفاق ۾ ٻي ڳالھ اگر پ پ پ کي واقعي مخالفت ڪرڻي ھئي ته صحيح ڇو ڪئي اھڙن خيالن جو اظھار هن  سينئر صحافي محمد اسحاق ڪورائي جي ويجھي عزيز، ڪسٽم آفيسر غلام النبي سومرو، استاد عبدالرشيد سومرو، عبدالسلام سومرو پرسنل سيڪريٽري ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن، عبدالمنان سومرو ۽ فقير عبدالعليم سومرو سان والد، عامر علي سومرو، جان محمد سومرو سان سهري، غلام عباس سومرو ۽ غلام الله سومرو سان چاچي استاد محمد يوسف سومرو جي وفات تي تڏي تي پھچي تعزيت ڪندي ڪئي، هوڏانهن  مرتضيٰ جتوئي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيوعدالت ۾ جج موڪل تي هجڻ سبب ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.