ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري 7 ايڪڙن تي آباد اصلوڪن مهاڻن جا گهر ڊاهي پٽ!

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو چوڻ آهي ته سمنڊ جي ڪناري ڀرسان 7 ايڪڙ زمين تان قبضو ڇڏرائي ورتو آهي، ان حوالي سان ڪي پي ٽي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن يونس آباد جي علائقي ۾ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 7 ايڪڙ زمين تي قائم غير قانوني گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، صرف 15 ڏينهن ۾ 60 ارب رپين جي 80 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي وئي آهي، ٻئي طرف قومي اسمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين قادر پٽيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ماهيگيرن جي پراڻين بستين تي آپريشن ٺيڪ ناهي، ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪريان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.