راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جعفر ايڪسپريس سانحي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي،دهشت گردي جي واقعن ۾ فوجي ۽ سويلينز جي قيمتي جانين جو جيترو اسان کي ڏک آهي ڪنهن کي نٿو ٿي سگهي، افسوسناڪڳالهه اها آهي ته سموريون ايجنسيون دهشتگردي جي روڪٿام بدران تحريڪ انصاف ختم ڪرڻ تي لڳايون ويون آهن، اڊيالا جيل ۾ وڪيلن ۽ گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ دهشت گردي جو ناسور بي قابو آهي،ان قسم جون منظم دهشت گرد ڪارروايون ڪنهن به ملڪ جي سيڪيورٽي تي سواليه نشان آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف پاران قومي سلامتي ڪميٽي جي بائيڪاٽ جو فيصلو بلڪل درست آهي،ان اجلاس ۾ نه مون کي گهرايو ويو نه منهنجي راءِ ورتي وئي، نه ئي بلوچستان جي نمائندن کي گهرايو ويو، هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه مخصوص علائقن تائين محدود ٿي ويون آهن،ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت ۽ وفاق جي علامت واحد سياسي پارٽي جي سربراهه کي ٻاهر رکي ڪهڙو اتفاق راءِ حاصل ڪري سگهجي ٿو، اردلي حڪومت جو داخلي ۽ خارجي پاليسيون ملڪ لاءِ زهر قاتل آهن، هن چيو ته دهشت گردي جو مسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن ان جو سياسي حل ڳوليو ويندو ۽ ماڻهن جي مرضي مطابق فيصلا ٿيندا،دهشت گري جو مسئلو رڳو فوجي حڪمت عملي سان حل نٿو ٿي سگهي، پاڙيسري ملڪن کي ڏسي اسان جي پرڏيهي پاليسي آزاد ۽ خودمختيار هئڻ گهرجي، افغانستان سان معاملا به ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته ملڪ تڏهن متحد ۽ مضبوط رهي سگهي ٿو جڏهن عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي،سياسي جماعتن کي انهن جي جاءِ ڏني وڃي ۽ اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت کان پاسو ڪري،هن چيو ته هڪ هفتي کان منهنجي مواصلات جي ذريعن تائين رسائي تي سخت بندش آهي، ٽي وي ڏسڻ تي پابندي آهي،اخبار ۽ ڪتابن جي پهچ به معطل آهي، مون کي ٻارن سان ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي،90 ڏينهن ۾ منهنجي گهرواري سان 72 ڪلاڪ جي ملاقات به نٿي ڪرائڻ ڏني وڃي،