حسن نواز برطانيا ۾ ٽئڪس باقيدار قرار

لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسن نواز کي برطانيا ۾ ٽئڪس ڊيفالٽر قرار ڏيندي مٿس 5.2 ملين پائونڊ جو ڏنڊ مڙهيو ويو آهي. برطانوي حڪومت جي جاري ڪيل تازي فهرست ۾ حسن نواز کي ” ٽئڪس  ڊيفالٽر“ قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب، حسن نواز پنج اپريل 2015ع کان ڇهه اپريل 2016ع تائين اٽڪل 9.4 ملين پائونڊ ٽئڪس ادا نه ڪيو. برطانوي ٽئڪس اٿارٽي حسن نواز تي 5.2 ملين پائونڊ جو ڏنڊ لاڳو ڪندي ان جا تفصيل سرڪاري ويب سائيٽ تي به جاري ڪري ڇڏيا آهن. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏيوالي باوجود حسن نواز تي مڙهيل ڏنڊ جي اوڳاڙي جو امڪان موجود آهي ڇو ته برطانوي قانون موجب ٽئڪس چوريءَ جو ڏوهه ڏيوالي جي صورت ۾ به معاف نه ٿو ٿي سگهي. هن معاملي تي حسن نواز جي قانوني ٽيم جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته روينيو ڪسٽم کاتي جا اڄ شايع ٿيل انگ اکر پراڻي ڪهاڻي آهن. سندن چوڻ آهي ته حسن نواز اڳ ئي عدالت ۾ پاڻ کي ڊيفالٽ ڊڪليئر ڪيو هو ۽ هاڻي پراڻي ڪهاڻي کي ٻيهر ورجايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.