ڳڙهي ياسين(ن ع آ)مدئجي ڀرسان نئون امروٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪلر آباد ڀرسان گهر پنھنجا ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ هلندڙ پراڻي زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺاڻي احمد نواز بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، گهر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو، پوليس واقعي جو اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال کڻائي وئي،جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته واقعو بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪيون ٿا.