پ پ ڪئنال روڪرائڻ لاءِ ڪهڙا سنجيده قدم کنيا؟ اسد ڀٽو

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي جي سينئر اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو سنڌوءَ مان ڪئنالن واري مسئلي تي پ پ جي بيان بازي کي واڳونءَ وارا ڳوڙها قرار ڏيندي چيو آھي ته پيپلزپارٽي سنڌ سان وفادار ناهي پ پ ٻڌائي ته ھنن ڪئنالن کي روڪڻ لاءِ ڪھڙا سنجيده قدم کنيا آھن. جماعت اسلامي پھرين ڏينھن کان وٺي ميدان ۾ آھي. مڙني بئراجن تي ٽيلي ميٽر سسٽم لڳايو وڃي ته جئين پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ٿي سگھي. پاڻي زندگي آھي. جماعت اسلامي عيد کان پوءِ حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ بجلي بلن مھانگائي سميت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور تحريڪ ھلائيندي اھڙن خيالن جو اظهار ھن گھارو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا، مقامي اڳواڻ مولانا عطاءُ الرحمان بلوچ، عبدالسميع ھاليپوٽو، حمزہ ناھيون ہڻ گڏ موجود ھئا.مولانا اسدالله ڀٽو گلشن حديد پھچي ڪري مقامي صحافي وحيد مراد سيال جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.