ڪراچي(پ ر) سنڌ جي احتجاج کي نظر انداز ڪري پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي چولستان ڪئنال لاءِ 218 ارب رپيا ۽ چوبهارڪئنال لاءِ 20 ارب بجيٽ ۾ رکي ڇڏيا آهن، جيڪو عمل ثابت ڪري ٿو ته پنجاب سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم )جي چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ ڪيو،هن چيو ته 7 اپريل تي شهيد بشير خان قريشي جي 13 ورسي جي موقعي تي رتوديرو ۾ شهيد جي مزار تي قومي جلسي ۾ اهم اعلان ڪيو ويندو، جسقم چيئرمين 21 مارچ تي شهيد مقصود خان قريشي ۽ شهيد نوجوان سلمان وڌو جي شهادت واري ڏهاڙي تي سڄي سنڌ ۾ شهيدن کي قومي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪارڪن کي هدايتون ڪيون آهن ته 21 مارچ تي شهيدن جي ياد ۾ تصويرن اڳيان گل،ڏئيان، ميڙ بتيون رکي شهيدن کي خاص ڀيٽا ڏني وڃي.