اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف جي حڪومت ۾ کنڊ جي برآمد ۽ قيمتن ۾ اضافي جا تفصيل سامهون اچي ويا،ڊسمبر 2024ع کان فيبروري 2025ع دوران 58ارب 52 ڪروڙ رپين جي 4 لک 4 هزار 246 ٽن کنڊ برآمد ڪئي وئي، انهي مدي ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 23 رپيا 46 پئسا في ڪلو وڌي وئي،حڪومت جون کان آڪٽوبر 2024۾ 7 لک 50 هزار ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي،وفاقي سرڪار آخري ڀيرو آڪٽوبر ۾ 5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي ٻئي پاسي وزيراعظم پاران اعلان ڪيل اگهن ۽ حڪومت پاران 130 رپيا ڪلو تي برقرار رکڻ جي ڪيترين ئي ڪوششن باوجود سڄي ملڪ جي مختلف مارڪيٽن ۾ کنڊ 180 رپيا في ڪلو کان مٿي وڪرو ٿي رهي آهي،کنڊ جي کپت 6.7 ملين ٽن تائين وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ڇو ته آبادي ۾ اضافي ۽ فوڊ پروسيسنگ سيڪٽر جي گهرج سبب کنڊ جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي،ٻئي پاسي مسابقتي ڪميشن آف پاڪستان پاران شگر ملن کي قيمتن ۾ هيراڦيري خلاف خبردار ڪرڻ کانپوءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته کنڊ جي قيمت 164 رپين کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي،کنڊ جو اگهه 178 کان 179 رپيا تائين پهچي چڪو آهي جيڪو واضح طور تي وزيراعظم لاءِ ناقابل برداشت آهي،ٻئي پاسي مسابقتي ڪميشن چيو هو ته اها کنڊ جي جاري بحران تي گهري نظر رکي ويٺل آهي،ڪا به گڙٻڙ ڏٺي وئي ته ان تي پاليسي ڪارروائي ڪئي ويندي