ڪراچي(رپورٽر) ملڪ جي ناليوارن دانشورن، ماهرن، عالمن ۽ مفڪرن سنڌو درياء کي سنڌ جي شھ رڳ قرار ڏيندي چيو آھي ته جيستائين ڇھن ڪينالن تي ھلندڙ ڪم ختم نه ٿو ٿئي ۽ سنڌو تي ڌاڙو بند نه ٿيندو ان وقت تائين جدوجھد ۽ مزاحمت جاري رھندي. پيرس ڪميون فطري وھڪرن کي روڪڻ ۽ غير فطري اقدامات کي رد ڪري ٿوـ اهڙو اظهار پيرس ڪميون جي 154 ھين سالگرھ تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن ڪيو. وليم صادقچيو ته پيرس ڪميون واحد انقلاب آھي جيڪو اڄ به پوري دنيا ۾ آب تاب سان جاري آھي ۽ ھي جھوڪ ڪميون جو تسلسل آھي, دنيا ۾ ڪڏھن روجاوا ڪميون, ڪڏھن وال اسٽريٽ ڪيپچر موومينٽ ته ڪڏھن وري پيلي جيڪيٽ تحريڪ جي شڪل ۾ سامھون اچي ٿوـ ھن چيو ته غريب, ڏتڙيل ۽ عام ماڻھون کي درپيش مسئلا ڪميون ذريعي ئي حل ٿي سگھن ٿا. ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته پيرس ڪميون پھريون ڪميونسٽ انقلاب ھو جنھن ايندڙ انقلابن جي لاءِ راهه کولي. فرانس جي مختلف شھرن کان علاوه ٻين ملڪن اندر ڪميون برپا ٿياـ روس ۾ بالشويڪ انقلاب, چين, ويٽنام, ڪيوبا ۽ ٻين ھنڌن تي انقلاب برپا ٿيا. اسپين ۾ پھريون ڀيرو اديبن, صحافين ۽ شاعرن عوامي انقلاب جي حمايت ۾ جنگ جوٽي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو ته آزادي ھرانسان جو بنيادي حق آھي. سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ نه ڏينداسين، باقي اسان ڪنھن جا به دشمن نه آھيون. شيما ڪرماڻي چيو ته پيرس ڪميون ۾ عورتن جو ڪردار تمام سگھارو آھي ۽ عورتن جي شرڪت کانسواء ڪو به انقلاب برپا نه ٿو ٿي سگھي. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کانپوء سنڌ به ھاڻي پاڻي جي حقن جي حاصلات لاء سجاڳ ٿي چڪي آھي ـ شاه عنايت شھيد سوشلسٽ فورم جي چيئرمين گل محمد منگي اعلان ڪيو ته جلد دلال ۽ ڪريل ڪردار جي مالڪ سنڌي وڏيرن مان جان ڇڏائڻ لاء سرگرم بلوچ انساني حقن جي ڪارڪن ماهه رنگ بلوچ کي پڳ ٻڌائي سنڌ جي مسئلن تي جدوجھد ڪرڻ جي وينتي ڪئي ويندي. ھن چيو ته پيرس ڪميون دراصل دنيا کي پھريون ڪميونسٽ انقلاب ڏنو جنھن کي کاٻي ڌر جي سمورن انقلابي ڌڙن تسليم ڪيو ۽ ڪارل مارڪس به ان کي جديد دور جو پھريون ڪميونسٽ انقلاب قرار ڏنو. ھن چيو ته سنڌو درياء جي فطري وھڪري کي روڪڻ لاء ان تي بند ٻڌڻ انتھائي خطرناڪ آھي ۽ ان جي نتيجي ۾ جھڙي طرح عوام جو سمنڊ اٿلي پيو آھي.رمضان ميمڻ چيو ته ھاڻي روايتي سياست نه ھلندي. شھيد ھيمون ڪالاڻي ميموريل ڪميٽي جي چيئرمين مجروح ڪالاڻي چيو ته توھين رسالت, توھين مذھب, توھين عدالت ۽ توھين عسڪريت جا امتيازي قانون موجود هوندا ته ترقي بجاء تنزلي, تباھي ۽ افراتفري جو سفر جاري رھندو. ھن اعلان ڪيو ته آچر 23-مارچ تي شھيد ڀڳت سنگھ جي ورسي ۽ ھيمون ڪالاڻي جي سالگره ملھائي ويندي. ناصر منصور چيو ته رياست جبر جو اوزار آھي پوءِ اھا ڪھڙي به رياست ھجي ـ ھن چيو ته مارڪسزم ۾ مذھبي ۽ ملائيت واري لاڙي کي ترڪ ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ڪامريڊ مومن خان مومن, اصغر باغي ۽ رانا روشان انقلابي نظم پيش ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيوـ