پشاور(م ڊ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اعتراف ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ اڃا گڊ طالبان موجود آهن، اهي طالبان ڀتو وٺندا آهن، ناڪا لڳائي ڪجهه رقم وصول ڪري پوءِ ڀڄي ويندا آهن، انهن طالبانن کي تحفظ ملي رهيو آهي، بنون حملو گڊ کان بيڊ ٿيندڙ طالبانن ڪيو هو، خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته افغانستان ۾ جنگ اسان جي غلط پاليسي هئي، افغانستان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ضروري آهي، جيڪڏهن نه ته 2200 ڪلوميٽر سرحد صوبي سان گڏ آهي، اسان ان کي ان طريقي سان محفوظ نٿا ڪري سگهون، ڪنڊيدار تارن کي هنڌان هنڌان ٽوڙيو ويو آهي، 2200 ڪلوميٽر واري بارڊر کي محفوظ بڻائڻ ڪو مذاق ناهي، علي امين گنڊاپور چيو ته افغانستان سان ڳالهين لاءِ ٽي او آرز 2 مهينا اڳ وفاق کي موڪليا ويا آهن، افغانستان سان ڳالهين لاءِ مون پنهنجي جرڳو ٺاهي هئي، حامد الحق جي شهادت تي جي آءِ ٽي ٺاهي وئي هئي، انڪوائري ٿي رهي آهي، حامد الحق جي شهادت جي پويان ڪا پرڏيهي تنظيم هوندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جو ايجنڊا رڳو خوش ڪرڻ آهي، اهي مينڊيٽ کانسواءِ آيا آهن، وفاقي حڪومت جو سمورو ڌيان پي ٽي آءِ تي آهي، اسٽيبلشمينٽ اسان جو جرڳو افغانستان موڪلڻ واري معاملي تي آن بورڊ آهي.
-
هاءِ ڪورٽ معذور استاد کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ۾ ڊسٽرڪٽ ڄامشورو ۾ معذور استاد جي ڀرتي رد ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت معذور استاد کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، عدالت درخواستگذار کي پگهار سميت رهتون ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، درخواستگذارجي وڪيل چيو ته درخواستگذار شاهنواز کوسو کي جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر طور معذور ڪوٽا تي ڀرتي ڪيو ويو هو، تعليم کاتي عدالتي حڪم جو جواز ڄاڻائي درخواستگذار جي ڀرتي رد ڪري ڇڏي هئي درخواستگذار کي هارڊ ايريا جي بنياد تي نه پر معذور ڪوٽا جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو هو، سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت ڀرتي واري پاليسي 2021 ۾ گهٽ ۾ گهٽ 55 مارڪون مقرر ڪيون هيون، بعد ۾ ان ۾ ترميم ڪري 33 مارڪون ڪيون ويون، سرڪاري وڪيل چيو ته عدالتي حڪم تي ڀرتي لاءِ امتحان ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه سيڪڙو پاليسي ٺاهي وئي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته دنيا معذور ماڻهن لاءِ تمام سخت ۽ ظالم ٿي رهي آهي .عدالت جو چوڻ آهي ته معذور ماڻهن کي سماجي طور تي امتيازي تعصب کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ،عدالت چيو ته لاڳاپيل کاتي معذور درخواستگذار سان ڪا به همدردي نه ڏيکاري.عدالتي حڪم جي ڪاپي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي پڻ موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
-
پگهارن تي ٽئڪس جي ظالماڻي شرح ختم ڪرڻي پوندي:حافظ نعيم
لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته عوامي جدوجهد بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي جو دروازو کولي ڇڏيو آهي. قيمت گھٽائڻ جي خبر خوشي جي آهي.ايڪس ايپ تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اڳ ۾ حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئي، جماعت اسلامي جي مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ حڪومت کي معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن سان قومي خزاني کي سوين اربن جي بچت ٿي.هن چيو ته بجلي جي في يونٽ قيمت سراسري قيمت تي هئڻ گهرجي. بجلي جي بلن مان هر قسم جا اضافي ٽيڪس ختم ڪيا وڃن. اهڙي طرح حڪمرانن کي به پگهارن تي ٽيڪس جي ظالماڻي شرح کي گهٽائڻو پوندو.