ڪراچي (رپورٽر)مصطفي عامر قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران اصغر قريشي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوليس پاران دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي اهڙو اطلاع ڏنوآهي، پوليس رپورٽ موجب مصطفيٰ عامر کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار ارمغان فوري طور تي پنهنجي پيءُ کي اطلاع ڏنو هو، پوليس رپورٽ موجب جوابدار ڪامران اصغر قريشي پوليس کي اطلاع ڏيڻ بدران پٽ کي لڪي وڃڻ جو مشورو ڏنو،رپورٽ مطابق جوابدار ارمغان پنهنجي پيءُ جي صلاح تي شيراز جي معرفت اسڪردو ۽ ٻين علائقن ۾ وڃي لڪيو هو، پراسيڪيوشن ذريعن موجب جوابدار ارمغان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيءُ کان لاتعلقي وارو ڊرامو ڪيو ويو، پراسيڪيوشن موجب جوابدار ارمغان پنهنجي پيءُ کي گرفتاري کان بچڻ لاءِ آمريڪا وڃڻ لاءِ چيو آهي .پراسيڪيوشن موجب جوابدار ڪامران قريشي کي گرفتار نه ڪيو ويو ته هو ڪنهن به وقت فرار ٿي ويندو.