ڪئنال رٿا خلاف ڪلوئي جي ونگو موڙ تي ارباب احسان جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ) سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا خلاف ڪلوئي ڀرسان ونگو موڙ تي ارباب احسان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي قومپرست پارٽين جا اڳواڻ عزيز الله ڏيرو، زاهد گل اوٺو ۽ ڊاڪٽر غلام علي بچاڻي سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ اسان جي ساهه جي برابر آهي، حڪمران اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ کي وڪڻي ڇڏيو آهي، انهن خبردار ڪيو ته سنڌو مان ڪئنال نڪرڻ کانپوءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ سمورو علائقو ڀڙڀانگ بڻجي ويندو، صدارتي خطاب ڪندي ارباب احسان چيو ته اسان وفاق کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي وسيلن سان ڇيڙڇاڙ نه ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ عيد کان پوءِ اسان هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪنداسين، جنهن ۾ پنجاب سنڌ جو بارڊر بند ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.