بلوچستان ۾ طاقت بدران عوام جون دليون کٽي کين حق ڏنا ويندا: صدر زرداري

ڪوئيٽا (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشت گردن کي هر قيمت تي شڪست ڏني ويندي ۽ قوم کي ورهائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشت گردي خلاف رياست جو مؤقف بلڪل واضح آهي ۽ ان جنگ کي کٽڻ اڻٽر آهي، ڪالهه ڪوئيٽا ۾ صدر آصف علي زرداري جي صدارت امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، جڏهن ته وزيراعلي بلوچستان مير سرفراز بگٽي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان منهنجي دل جي ويجهو آهي ۽ هتي ترقي ۽ پائيدار امن اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن هر ٻار کي اسڪول ۾ ڏسڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر زرداري اعلان ڪيو ته دهشت گردي خلاف مؤثر ڪارروائي لاءِ ڪائونٽر ٽيررازم ونگ کي جديد هٿيار فراهم ڪيا ويندا  ته جيئن هو ڏوهارين ۽ دهشت گردن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سگهي، صدر زرداري بلوچستان ۾ پارليماني جماعتن جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري پڻ موجود هو، ان ملاقات ۾ اپوزيشن اڳواڻن ۽ مختلف جماعتن جي پارليماني اڳواڻن عوامي ڀلائي ۽ صوبي کي درپيش چئلينجز بابت تجويزون پيش ڪيون، ان موقعي تي صدر زرداري چيو ته بلوچستان جي عوام سان منهنجو خاص تعلق آهي ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ قومي يڪجهتي ضروري آهي، بلوچستان جي عوام جا سمورا حق ڏنا ويندا ۽ زبردستي بدران عوام جون دليون کٽي کين حق ڏنا ويندا، صدر اعلان ڪيو ته عيد کان پوءِ عوام جا مسئلا ٻڌڻ ۽ تجويزون حاصل ڪرڻ لاءِ بلوچستان ۾ خصوصي ڪيمپ لڳائي ويندي، اجلاس ۾ بلوچستان جي وتي گورنر ڪپٽن (ر) عبد الخالق اچڪزئي، چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان، آءِ جي پوليس معظم جاهه انصاری ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مير يونس عزيز زهري، نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، مسلم ليگ (ن) جي پارليماني ليڊر مير سليم خان کوسي، عوامي نيشنل پارٽي جي انجنيئر زمرڪ خان اچڪزئي، جماعت اسلامي جي مير عبدالمجيد بديني، صوبائي وزيرن، پارليماني سيڪريٽرين ۽ بلوچستان ڪابينا جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي، صدر زرداري کين يقين ڏياريو ته بلوچستان جي ڀلائي لاءِ کنيل سڀئي قدم مثبت نتيجا ڏيندا ۽ اهي فيصلا ڪيا ويندا جيڪي تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.