فيض گنج/ سوئي گيس (نمائندا) سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف سوئي گئس ۾ ٻه ڏينهن اڳ احتجاج ڪندڙ اسٽوڊنٽ رائيٽس ڪائونسل جي اڳواڻن تي ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ مھراڻ هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو ڪيس ٺري ميرواھ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ شرجيل، نسيم اعجاز، آزاد حسين شر، علي مردان شر، صوفي حاجن گل، آصف شر، وسيم حيدر شر، شاھد ويسر ۽ حيات شنباڻي سميت 17 سڃاتل ۽ 40 اڻ سڃاتل ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو آھي، سندس گرفتاري لاءِ مختلف جڳھن تي ڇاپا هنيا ويا، هوڏانهن فيض گنج ٿاڻي تي به ڪئنال خلاف احتجاج ڪندڙن تي سرڪار پاران ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 سڃاتل 11 نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ جسقم اڳواڻ امتياز شر، سڪندر بالادي، آصف حاڪم چانگ ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي، شاگردن ٻه ڏينهن اڳ مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڪئنال خلاف احتجاج ڪيو هو، جسقم بشير خان قريشي جي اڳواڻ ساز خادم شر چيو ته پوليس ونگار وهي ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌو درياھه مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين.