اسلام آباد(اعزاز سيد/آصف بشيرچوڌري)قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف چيو ته دهشتگردي ۾ افغانستان جي زمين استعمال ٿي رهي آهي،” را“ ان ۾ ايڪٽو آهي ۽ ايران جا به ڪجهه عنصر ان ۾ مدد فراهم ڪري رهيا آهن.آرمي چيف چيو ته اسان کي ٽي مهينا ڏيو پوءِ اسان کان سوال ڪريو توهان فرق پاڻ ڏسندا، آرمي چيف وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي اندروني معاملن ۾ اچڻ جوشوق ناهي پر گورننس جي معاملن جي ڪري لا اينڊ آرڊر جي صورتحال سبب اچڻو پوي ٿو.ٻيو مطالبو اجلاس کان اهو ڪيو ويو ته اسان جي انٽليجنس ادارن کي ماڻهو پڪڙڻ ۽ پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي.دهشتگردن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايا وڃن.فوجي عدالتون هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي. ان ۾ قوم ۽ سياسي قيادت اسان جو ساٿ ڏئي.افغانستان ڄاڻ واڻي پاڪستان مخالف عنصرن کي اتي ترسائي رهيو آهي.جعفر ايڪسپريس حملي جي دهشتگردن جي واڪي ٽاڪي جا سگنل افغانستان تائين مليا آهن. ڪي پي ۾ 5 هزار فتنته الخوارج آهن. بلوچستان ۾ اڍائي هزار کن آهن.سو هاڻي انٽيلجنس ادارن جي وڌيڪ اختيارن جو مطالبو به سامهون آيو آهي ۽ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته پاڙيسري ملڪن جي مداخلت به سامهون آئي آهي.فضل الرحمان پاران بلوچستان ۾ آپريشن سان گڏ سياسي ڳالهين جو مطالبو ڪيو ويو.اهي مسئلا رڳو فوجي اپريشن سان حل نه ٿيندا.اختر مينگل لاءِ چيو ويو ته رياست کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. انهن جي نالي ليز ڏسو ته ڪيترا پيسا ڪمائي رهيو آهي. پي ٽي ايم ۽ ٽي ٽي پي سهولتڪار آهن.