ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ ٻيو نوجوان قتل ٿي ويو، ڪورنگي نمبر 6 ۾ هٿياربندن ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ کي قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي ڪورنگي طارق نواز ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو ڦر دوران مزاحمت تي پيش آيو، مقتول صھيب والدين جو اڪيلو پٽ هو. طارق نواز ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدار ميڊيڪل اسٽور تي ڦر لاءِ آيا، جوابدارن پئسا ڦر ڪيا ۽ فرار ٿي ويا، ماڻهن شور مچايو، شور ٻڌي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن تان مقتول جي ڪلهي تي گوليون لڳيون، جيڪو ٿڏي تي قتل ٿي ويو،پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي، ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، واقعي جي حوالي سان خاص ٽيم جوڙي وئي آهي ،جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.