پي ٽي آءِ ثابت ڪيو ته ” خان ناهي ته پاڪستان به ناهي“: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف طرفان شرڪت نه ڪرڻ تي سخت ردعمل ڏنو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ هن لکيو ته پي ٽي آءِ اڄ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان ئي سندن جي پهرين ۽ آخري ترجيح آهي، جڏهن ته ملڪ جي سلامتي ۽ امن کي ڪائي اهميت ناهي. هن لکيو ته ”خان ناهي ته پاڪستان ناهي“ پي ٽي آءِ جو نعرو بڻجي چڪو آهي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ملڪ دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ رڳو پنهنجن مفادن جي سياست ۾ رڌل آهي، اِهو عمل وطن دشمنيءَ جي برابر آهي ..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.