پرڏيهي پاليسي مضبوط ڪريو، ڏسو دهشت گردن جي مالي مدد ڪير پيو ڪري؟ بلاول ڀٽو

اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي سلامتي جي پارليماني ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي افغانستان مان وڌندڙ دهشتگردي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، بلاول ڀٽو چيو ته افغانستان دهشتگردن جو آماجگاهه بڻجي چڪو آهي ۽ جيڪا باهه پاڪستان ۾ لڳي آهي، اسان جي ڀرپاسي جي ملڪن کي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته اهي ان کان محفوظ رهندا، هن چيو ته دهشتگردن جي مالي مدد ڪرڻ وارن جو به پتو لڳائڻو پوندو ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي مسئلي کي سفارتي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻو پوندو، دنيا کي افغان حڪومت جي ڪردار کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي ۽ پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي وڌيڪ مؤثر بنائڻو پوندو، بلاول چيو ته عالمي برادري کي به هن مسئلي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جي هي باهه سات سمنڊ پار تائين پهچي سگھي ٿي جيڪڏهن ان تي بروقت ضابطو نه آندو ويو، هن زور ڀريو ته دهشتگردن جي مالي مدد ڪير ڪري رهيو آهي، ان جي جاچ ڪئي وڃي، هن پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.