حڪمراني جو خال ڪيستائين ڀرينداسين\پاڪستان کي سخت گير رياست بڻائڻو پوندو\آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ جي سلامتي کان وڏي ڪا به ايجنڊا، ڪابه تحريڪ ۽ ڪا به شخصيت نه آهي. قومي سلامتي جي پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چیف آف آرمی سٹاف جنرل سید عاصم منیر چيو آهي ته اسان کي پاڪستان کي "هارڊ اسٽيٽ” ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اسان ڪيستائين هڪ سافٽ اسٽيٽ( نرم  رياست) جي طرز تي بي شمار جانين جي قرباني ڏيندا رهنداسين. ڪيستائين حڪمراني جي خال کي فوج ۽ شهيدن جي رت سان ڀريندا رهنداسين. آرمي چيف قومي سلامتي جي پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اها اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا جي جنگ آهي، اسان کي بهتر گورننس جي ضرورت آهي. قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽيءَ سان خطاب ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته جيڪڏهن هيءُ ملڪ آهي ته اسان آهيون ۽ اسان لاءِ ملڪ جي سلامتي کان وڌيڪ ڪا به شئي اهم ناهي.هن چيو ته عالمن کي درخواست آهي ته هو خارجي سوچ طرفان اسلام جي مسخ ٿيل تشريح کي وائکو ڪن. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته هيءَ جنگ اسان جي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا جي جنگ آهي، پائيدار استحڪام لاءِ قومي طاقت جي سڀني عنصرن کي هم آهنگيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي بهتر حڪمراني ۽ رياست کي هڪ مضبوط اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تحفظ لاءِ سڀني کي متحد ٿي سياسي ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي هڪ گڏيل بيانيو اختيار ڪرڻو پوندو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته جيڪي سمجهن ٿا ته هو پاڪستان کي دهشت گردن ذريعي ڪمزور ڪري سگهن ٿا، انهن لاءِ اڄ جو ڏينهن پيغام آهي ته اسان متحد ٿي نه رڳو کين پر سندن سڀني سهولتڪارن کي به شڪست ڏينداسين. ذرائع مطابق، آرمي چيف قومي سلامتي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ جاري دهشت گردي جي پويان ڀارتي خفيه ايجنسي "را” ۽ افغانستان ملوث آهن۔ هن چيو ته دهشت گردي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ڪارروائي ڪئي ويندي۔ ان کان سواءِ فوجي عملدارن اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ فتنه الخوارج خلاف جاري ڪارروائين بابت ڄاڻ ڏني۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته عسڪري عملدارن فتنه الخوارج جي قيادت جي افغانستان ۾ موجودگي بابت بريفنگ ڏني ۽ افغانستان مان ٿيندڙ دهشت گردي ڪارروائين بابت پڻ اجلاس کي آگاہ ڪيو. ضم ٿيل ضلعن جي سڪيورٽي صورتحال تي تفصيل سان بريفنگ ڏني ۽ بلوچستان ۾ دهشت گردي جي تازن واقعن جا محرڪ پڻ ٻڌايا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي حڪمرانن بندش پيل تنظيمن کي ملندڙ غير ملڪي سپورٽ بابت پڻ معلومات فراهم ڪئي۔ اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير کان سواءِ ڊي جي ايم آئي سميت ٻيا فوجي عملدار، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ملٽري آپريشنز شريڪ ٿيا. پ پ چيرمين بلاول ڀٽو، مشير وزيراعظم رانا ثناءُ الله، خواجا آصف، امير مقام، وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ گورنر پنجاب، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، طارق فضل ۽ عليم خان پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، فيصل واوڊا، چيرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي، وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور، گورنر خيبرپختونخوا فيصل كريم کنڊي، گورنر سنڌ ڪامراب ٽيسوري پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان فيصلائتي رخ تي بيٺو آهي ۽ ادارا دشمن عنصرن جي ارادن کي ناڪام بڻائي رهيا آهن، ۽ اسان قانون نافذ ڪندڙن جي بهادري کي ساراهيون ٿا. شهباز شريف قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اعلاميو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ هن چيو ته ڪميٽي دهشت گردي جي واقعن جي مذمت ڪئي آهي ۽ متاثر خاندانن سان گهري همدردي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ڪميٽي مخالف ڌر ميمبرن جي نه اچڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي کي لوهي هٿن سان منهن ڏئي پاڙان پٽڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جيڪو 6 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. پڌرائي موجب ، اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي دهشتگردي جي تازين ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي ملڪ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو عزم کي ورجايو. اجلاس ۾ رياستي طاقت سان ان خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ منظم حڪمت عملي ۽ سياسي گڏيل عزم تي زور ڏنو ويو، جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي يڪجهتي ضروري قرار ڏني وئي. ڪميٽي نئين نيشنل ايڪشن پلان ۽ عزم استحڪام حڪمت عملي تي فوري عمل درآمد تي زور ڏنو، جيئن دهشتگردن جي نيٽ ورڪ، سندن لاجسٽڪ سپورٽ ۽ ڏوهاري عنصرن سان سندن ڳٺ جوڙ جو خاتمو آڻي سگهجي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اجلاس ۾ دهشتگرد گروهن جي سوشل ميڊيا جي وڌندڙ غلط استعمال تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ ان جي اثرائتي روڪٿام جا قدم کڻڻ تي به زور ڏنو ويو. ڪميٽي دهشتگردي جي ڊجيٽل نيٽ ورڪ خلاف سخت ڪارروائي لاءِ به حڪمت عملي جوڙڻ تي زور ڏنو. قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي فوج، پوليس، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۽ انٽيليجنس ادارن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ واضح ڪيو ويو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي ادارن سان گڏ بيٺل آهي.ڪميٽي واضع ڪيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪنهن به گروهه، فرد يا اداري کي دشمن طاقتن سان ڳٺ جوڙ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن جي غيرحاضري تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته ان معاملي تي وڌيڪ مشاورتي عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.