ڪئنالن خلاف ڏهون ميل ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي ۽ ڌرڻو

ميرپور خاص (بيورو) سنڌو درياهه تي 6 نون ڪئنالن، ايس آئي ايف سي، ارسا ايڪٽ ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڏهون ميل ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌوءَ درياهه تي ڌاڙن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، مختيار خاصخيلي، شاعر اقبال رند، يوسف سولنگي، نور محمد خاصخيلي، برڪت شر، ميوا رام ۽ ٻين چيو ته پنجاب جي حڪمرانن کان گذريل ڏيڍ سئو سالن جي ڌاڙي جو حساب وٺڻو آهي، پنجاب جا سمورا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال بند ڪرائي، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان دوان رکڻ لاءِ سنڌي قوم کي ڀرپور جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ پيپلز پارٽي جي مڪر، ٺڳي ۽ فراڊ کي سمجهي پيپلز پارٽي جي به جنرل ضياءَ جيان رستا روڪ ڪرڻي پوندي، سنڌ جي عوام جهڙو حشر جنرل ضياءَ، ايوب ۽ مشرف جهڙن آمر ۽ جابر حڪمرانن سان ڪيو ساڳيو حشر پيپلز پارٽي سان ڪندو، پيپلز پارٽي ڪا سياسي جماعت نه پر ٺڳن، فراڊين ۽ ڌوکيبازن جو هڪ ٽولو بڻجي وئي آهي، جيڪي اقتدار خاطر سنڌو درياهه وڪرو ڪري رهيا آهن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهباز سرڪار هٽلر جي نازي سرڪار بڻجي 7 ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، گرين پاڪستان انيشيئٽو  جي فريبي نعري ۾ سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙن جي سڀني محب وطن ماڻهن کي مخالفت ڪرڻ گهرجي، ايس آءِ ايف سي تحت سنڌ سميت سموري ملڪ جي زمينن جي نيلامي ۽ سنڌو درياهه جي وڪري جو سلسلو فوري طور روڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.