ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان هن وقت انتهائي مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي، گذريل هڪ مهيني ۾ ڪي پي ڪي ۾ ڪيترائي حملي ٿي چڪا آهن، بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪري مسافرن کي يرغمال بڻايو ويو، ملڪ ۾ ڀارتي را ۽ آمريڪي سي آءِ اي آزادانه طور تي ڪم ڪري رهيون آهن، هن سموري صورتحال پاڪستان جي حڪومت لاءِ اندروني تحفظ ۽ حڪومتي رٽ تي سواليا نشان بڻجي وئي آهي، اربابِ اختيار کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيستائين اهي پنهنجا فيصلا درست نه ڪندا، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ فاصلا وڌندا رهندا، اسٽيبلشمينٽ ۽ سڀني ادارن کي پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، عوام جي حقيقي نمائندن کي اڳتي اچڻ ڏين، عيد کانپوءِ حق ڏيو عوام کي تحريڪ هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪنداسين.