اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي کي آگاھ ڪيو آهي ته ايندڙ مالياتي سال ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي ڪا تجويز غورهيٺ ناهي. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب لکت ۾ جواب جمع ڪرايو. هن چيو ته ملازمن جي پي اسڪيل توڙي الائونس ۾ نظرثاني ڪرڻ جي ڪا تجويز به غور هيٺ ناهي جڏهن ته وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ اضافي جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. وفاقي وزير چيو ته ملازمن لاءِ هائرنگ ۽ سيلنگ جي حد وڌائڻ جو معاملو غور هيٺ آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته جون 2023 تائين پاڪستان جا غير ملڪي قرضن ۽ رهتن جي مجموعي رقم 126 ارب 14 ڪروڙ ڊالر هئي، جيڪو غير ملڪي قرضه جي ڊي پي جو 43.03 سيڪڙو آهي. هن ٻڌايو ته مالي سال 2024 ۾ پاڪستان 11 ارب 47 ڪروڙ 50 لک ڊالر غير ملڪي قرض واپس ڪيو. وزير خزانه جو چوڻ هو ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، نئون آسان ٽيڪس ريٽرن نظام سيپٽمبر ۾ نافذ ڪيو ويندو. ناڻي وزارت پنهنجي وضاحت ۾ چيو آهي ته ايندڙ بجٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌو جي تجويز تي ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو. ان حوالي سان جيڪي خبرون سامهون آيون آهن، اهي حقيقت تي ٻڌل ناهي. ناڻي واري وزير صرف سوال جو جواب ڏنو آهي.